شهيد ڀاءُ جي بيواهه کي ڏيرن مالي امداد نه ڏيڻ عدت مان نڪرندي ئي ماري ڇڏيو

Spread the love

ميانوالي (ويب ڊيسڪ) ميانوالي ۾ ڏيرن پنهنجي بيواهه ڀاڄائي کي گهٽو ڏئي قتل ڪري ڇڏيو، مقتولا جو مڙس قلات ۾ دهشتگردن سان وڙهندي شهيد ٿي ويو هو، جوابدارن بيواهه کي ملندڙ امداد کسڻ چاهي.
پوليس موجب شهيد ايف سي سپاهي عطاءُ الله شاهه جا ٽي ڀائر رهتن ۽ مالي فائدن جي رقم حاصل ڪرڻ لاءِ بيواهه ڀاڄائي تي دٻاءُ وجهندا هئا.
مقتولا رهتن جي رقم ۽ مالي مراعتون جوابدارن جي نالي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، جنهن کانپوءِ هنن کيس گهٽو ڏئي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا.
پوليس ٻڌايو ته بيواهه عورت جي قتل کان هڪ ڏينهن اڳ ئي عدت پوري ٿي هئي، مقتولا جي پيءُ جي فراد تي ڪيس داخل ڪري جوابدارن جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي.

جُولاءِ 14, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو