مٺي ۽ ڀرپاسي ۾ پوليس جون منشيات فروشن خلاف ڪامياب ڪارروايون، 3 جوابدار گرفتار
مٺي(ڊ-ر) ٿرپارڪر پوليس پاران منشيات فروشن خلاف ڪارروايون، 11 گرام آئيس، 200 گرام چرس هٿ، 3 جوابدار گرفتار، ڪيس داخل. تفصيل موجب: ايس ايس پي ٿرپارڪر عادل ميمڻ جي هدايتن تي ضلعي جي مختلف علائقن ۾ منشيات فروشن خلاف آپريشن جاري آهي. ماڊل پوليس ٿاڻي مٺي جي حد ۾ انچارج سي آءِ اي ٿرپارڪر پنهنجي عملي سان گڏ ڪارروائي ڪندي سهيل عرف ساحل ولد ڪريم بخش بجير،
رهواسي مٺي کي گرفتار ڪيو، جنهن وٽان 11 گرام آئيس هٿ آئي. جوابدار خلاف ماڊل پوليس ٿاڻي مٺي تي ڪيس داخل ڪيو ويو. ٻئي پاسي پوليس ٿاڻي ڪلوئي جي ايس ايڇ او پنهنجي عملي سان گڏ چيڪنگ دوران عبدالستار ولد مير محمد لنڊ، رهواسي ڪلوئي کي گرفتار ڪيو، جنهن وٽان 200 گرام چرس هٿ آيو جوابدار خلاف پوليس ٿاڻي ڪلوئي تي ڪيس داخل ڪيو ويو.
جڏھن ته پوليس ٿاڻي جهن جي ايس ايڇ او پنهنجي عملي سان گڏ ڪارروائي ڪندي اشتهاري جوابدار جان محمد ولد سومار رند، تعلقي عمرڪوٽ جي ڳوٺ سنهوئي درس جي رهواسي کي گرفتار ڪيو، جيڪو ماڊل پوليس ٿاڻي مٺي جي ڪيس نمبر 58/2014 ۾ روپوش هو.
جُولاءِ 13, 2025