سيوهڻ باءِ پاس تي وين جو حادثو، 1122 ريسڪيو عملو غائب، شهرين پاران زخمي ڊرائيور کي بچايو، جاچ جو مطالبو

Spread the love

سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر ايم سيوھاڻي) سيوهڻ باء پاس روڊ المراد مسجد جي هيٺيان پراڙا موڙ سيوھڻ وٽ  هڪ ڊوم ۽ هڪ وين، ۾ حادثو پيش آيو،  جڏهن ته ھڪ وين جو ٽائر برسٽ ٿيڻ  سبب ٻئي روڊ تي ايندڙ وين سان ٽڪرائجي وئي، جنھن جي نتيجي ۾ حادثو ٿي ويو، ھن حادثي ۾ ھڪ وين جو ڊرائيور زخمي ٿي پيو ۽ وين جي ڊرائيور سيٽ ۾  ڦاسي پيو، جڏهن ته ايمرجنسي 1122 ريسڪيو اداري  سيوهڻ جا عملدار حادثي واري جاء تي نه پهچي سگهيا، جڏھن ته اتي موجود ماڻھن  1122 ريسڪيو اداري جي عملدارن کي ڪيتريون ڪالون ڪيون پر ھنن فون اٽينڊ نه ڪئي،

جڏھن ته حادثي واري جاء تي شهرين پنهنجي مدد پاڻ سان ڦاٿل زخمي وين جي  ڊرائيور کي ڪڍي سيوهڻ سيد عبدالله شاھ انسٽيٽيوٽ اسپتال منتقل ڪيو، ھن حادثي کانپوء ون فائيو پوليس سيوھڻ جا نوجوان پھچي ويا، افسوس سان لکڻو پوي ٿو ته سنڌ گورنمنٽ طرفان ھڪ ادارو جيڪو 1122 ريسڪيو ايمرجنسي جي نالي سان کوليو ويو آھي،

جنھن جو ڪم آھي ڪٿي به ڪو روڊ يا شھر يا ڳوٺ ۾ ڪو اچانڪ حادثو جھڙوڪ روڊ حادثو، باھ لڳڻ جو واقعو پيش اچي ٿو ته اتي انھن کي فورن ان واقعي ھنڌ پھچڻو آھي، پر ھتي سيوھڻ ۾ 1122 ريسڪيو جا عملدار فون ئي اٽينڊ نه ڪري رھيا آھن، اھو آھي 1122 ريسڪيو سيوھڻ  جو ادارو، جڏھن ته سنڌ حڪومت ان اداري کي وي وي آء پي فائربرگيڊ گاڏيون،

پيٽرولنگ لاء وي وي آء پي گاڏيون ايسي واريون مھيا ڪري ڏنيون آھن، پر پوء به 1122 ريسڪيو ادارو ڪم ڪرڻ کان ڪاسر آھي، سيوھڻ شھر جي پراڙا موڙ قاضي محمد مراد مسجد ويجھو ٿيل رات وارو حادثو سامھون آھي، ان حادثي واري جڳھ تي 1122 ريسڪيو وارو ادارو پھچي نه سگھيو، نه وري ڪال اٽينڊ ڪئي، آھيو ڪٿان جو انصاف آھي،

سنڌ حڪومت کي گھرجي ته ھن واقعي جي جانچ ڪري انڪوائري ڪرائي ملوث 1122 ريسڪيو سيوھڻ آراضي جي عملدارن خلاف قانوني قدم کنيو وڃي، ھوڏانھن جيڪو زخمي ڊرائيور آھي، ان جو نالو محمد مٺل رند جيڪو نواب شاھ جو رھواسي ٻڌايو وڃي ٿو.

جُولاءِ 13, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو