سانگهڙ: چوٽياريون ۾ ڍڳين جي وڏي چوري، چورن جو راڄ، پوليس خاموش، علائقي واسين جو تحفظ لاءِ اپيل

Spread the love

سانگھڙ(رپورٽ:شاهنواز رونجهو) سانگھڙ ويجهو چوٽياريون ٿاڻي جي حد ۾ چورن ۽ ڦورن جو راڄ قائم، عوام مڪمل غير محفوظ، چوٽياريون ٿاڻي کان ھڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي رات دير سان زرداري پيٽرول پمپ ويجھو اشرف ڪنڀر جي واڙي تي چوڪيدار کي يرغمال بڻائي مبينه طور 14 ڍڳيون ۽ مينھون ٽن مزدا گاڏين ۾ کڻي فرار ٿي ويا، اھڙي اطلاع تي چوٽياريون پوليس پھچي واقعي واري هنڌ جو جائزو ورتو ۽ تفصيل معلوم ڪيا، پوليس جو چوڻ آهي ته اسان جانچ شروع ڪري ڇڏي آهي

اسان جي ڪوشش آھي ته  جلد ئي چورن کي گرفتار ڪري مال واپس ڪرايو ويندو، ٻي پاسي اشرف ڪنڀر جو چوڻ آهي ته چورن کي گرفتار ڪري منھنجو ڦر ٿيل چوپايو مال جلد واپس ڪرايو وڃي، علائقي جي عوام جو چوڻ آهي ته چوٽياريون پوليس پاران چورن ۽ ڦورن کي کلي ڇوٽ ڏنل آهي جنھنڪري امن امان جي صورتحال سنگين ٿي چڪي آهي

 چوريون ڦرون معمول بڻيل آهن عوام راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور آھي پوليس مبينه ڏيتي ليتيءَ عيوض خاموش تماشائي بڻيل آهي، ايتري وڏي واردات کان پوءِ چوٽياري شهر ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ سخت بيچيني جي لهر پکڙجي وئي آهي، ان حوالي سان علائقي واسين، سياسي، سماجي ۽ عوامي حلقن پاران آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي شھيد بينظير آباد ۽ ايس ايس پي سانگهڙ کان مطالبو ڪيو آھي ته ھن واردات جو نوٽيس وٺي عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي.

جُولاءِ 13, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو