دادو: سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي، تخليقي پيشڪشون، دکي دائود جو ڪتاب ڇپائڻ جو اعلان، تابش بخاري جي سالگره ملهائي وئي
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) سنڌي ادبي سنگت شاخ دادو جي گڏجاڻيءَ جي صدارت سينئر شاعر ۽ استاد تابش بخاري ڪئي، جڏهن ته نظامت سنگت جي سيڪريٽري سجاد يوسف سرانجام ڏني، ان موقعي تي تخليقڪارن مقالا، نظم، غزل، وايون، ڪافيون ۽ ڪهاڻيون پيش ڪيون ويون،
مکيه پيشڪش ڪندڙن ۾ دکي دائود سومرو، نور ڪنڀر، نثار سومرو، آسي بدر، صوفي غلام مصطفىٰ، راهب جمالي، ڀڳت ڪبير، فقير محمد، احمد خان لاشاري شامل هئا، جن جون تخليقون ادبي معيار، موضوع جي چونڊ، علامتن جي ڀرپور استعمال ۽ فڪر جي اونهائيءَ جي ڪري ڌيان جو مرڪز رهيون، ان موقعي تي راجہ رفيق ڳالهائيندي چيو تہ ايندڙ گڏجاڻيءَ ۾ ڪنهن استاد شاعر ۽ علم عروض جي ماهر کان شاعريءَ متعلق ليڪچر ڪرايو وڃي هُن وڌيڪ چيو تہ دادو سنڌ جي بهترين شاعر دکي دائود وٽ پنجن ڪتابن جيترو مواد موجود آهي پر جڏهن ته هو غريب آهي پنهنجي شاعريءَ جو ڪتاب ڇپائي نٿو سگهي،
تنهنڪري اسان کي گهرجي تہ ان جو ڪتاب اسان ڇپايون، ان موقعي تي سنگت جي سيڪريٽري سجاد يوسف ڳالهائيندي چيو تہ دکي دائود جو ڪتاب هن سال ئي سنڌي ادبي سنگت شاخ دادو پاران ڇپرايو ويندو ڪتاب جي ڇپائيءَ لاءِ سجاد يوسف، تابش بخاري ۽ آسي بدر چنہ پنهنجي وس آهر تعاون جو اعلان ڪيو،
گڏجاڻي ۾ اڳوڻي سيڪريٽري تابش بخاري جي 60 هين سالگرھ جو ڪيڪ پڻ ڪٽيو ويو ۽ کيس گلن جا هار ۽ تحفا پيش ڪيا ويا.
صدارتي خطاب ڪندي، تابش بخاري چيو ته جملي دوستن پنهنجو خوبصورت تخليقون پيش ڪيون جن تي سڀني دوستن ڀرپور نموني ڳالهايو اڄ جي نئين ليکڪن جي تحريرن مان اميدن جا نوان سج اڀري رهيا آهن، ضرورت آهي ته اهڙين گڏجاڻين ذريعي انهن جي رهنمائي جاري رهي، هن وڌيڪ چيو تہ آئون سنڌي ادبي سنگت شاخ دادو جي ساٿين جو شڪرگذار آهيان جن مون کي ياد ڪيو مون کي عزت بخشي ۽ سنگت جي پليٽ فارم تان منهنجي سالگرھ جو ڪيڪ ڪٽيو ويو، سنڌي ٻولي، ادب ۽ فڪر جي واڌاري لاءِ گڏيل عزم ورجايو ويو،
جُولاءِ 13, 2025