سڪرنڊ: شهيد غلام قادر ملاح جي ورسي تي سنڌ ڪلچرل فورم جي سر سارنگ تي ڪچهري، ارڏي ڪردار کي ڀيٽا، لطيف جي فڪر تي ويچار
سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ ) سنڌ ڪلچرل فورم پاران هڪ ئي وقت صحافي ، سماج سڌارڪ ۽ سياسي ورڪر شھيد غلام قادر ملاح جي پندرهين ورسيءَ جي موقعي تي کيس ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سر سارنگ تي ڪچھريءَ جو اهتمام ڪيو ويو جنهن جي ميزباني شهري اتحاد سڪرنڊ جي اڳوڻي صدر سيد احسان علي شاھ ڪئي جڏھن ته صدارت عوامي شاعر جهانگير ڏاهري کان ڪرائي وئي ڪچهريءَ جو مهمان خاص سائل پيرزادو هو جڏھن ته مختلف مڪتب فڪر جي شخصيتن کي پڻ گهرايو ويو جن ۾ سينيئر صحافي قاضي جاويد سنائي ،
جسقم اڳواڻ خير محمد لاکو ، ايس ٽي پي اڳواڻ حسين ڪيريو ، پ پ اڳواڻ مراد علي ملاح ، زرعي ماهر ظفر علي کوکر ، شهري اتحاد جو شمشاد ملاح ۽ ڪلچرل فورم جو سارنگ ملاح شامل هئا جن کان مورڙو ميربحر الڳ الڳ اسٽيج تي گهرائي کائن شهيد غلام قادر ملاح جي زندگيءَ تي ويچار ورتا جن جو چوڻ هو ته شهيد غلام قادر ملاح ارڏو انسان هو سڌو کرو ۽ سچو ماڻھو هو ٻه نمبري يا ڪوڙ ٺڳي سندس ڊڪشنري ۾ نه هئي حڪمران پارٽي ۾ ھئڻ باوجود ڪڏھن به پنهنجي غربت کي عيب نه سمجهيو پورهيو ڪري گزر سفر ڪندو هو اهڙن ئي ڪردارن لاءِ چيو ويو آهي ته ڪردار کي موت ناهي ان کان اڳ احسان شاھ آيل مهمانن کي آجياڻو پيش ڪيو جڏھن ته جهانگير ڏاهري ۽ سائل پيرزادو لطيف سائين جي سر سارنگ تي ليڪچر ڏنو ان موقعي تي سگھڙ منٺار ٻگھيو ، قربان علي عمراڻي ، استاد محمد عالم ڪيريو ، سجاد علي ملاح ، غلام نبي ، ملاح ، علينواز ملاح ، سچل ملاح سميت ٻيون شخصيتون پڻ شريڪ هيون
جُولاءِ 13, 2025