ٺٽو: سِول سوسائٽي پاران ڊائلاسز سينٽر ۾ بدانتظامي ۽ ڪرپشن خلاف احتجاج، شفاف انڪوائري ۽ مفت علاج جو مطالبو

Spread the love

ٺٽو( رپورٽ: نظير احمد قريشي) ٺٽي جي سِوِل سوسائٽيءَ پاران   سيڪريٽري صحت، سنڌ  / ڊپٽي ڪمشنر، ضلعي ٺٽو کي توجه ڏياريو آهي ته سِوِل اسپتال ٺٽو ۾ قائم ڊائلاسز سينٽر ۾ بدانتظامي، مالي بي ضابطگين ۽ غريب مريضن سان زيادتين بابت فوري ڪارروائي ڪئي وڃي سِوِل سوسائٽيءَ جو چوڻ آهي تہ اسان، ضلعي ٺٽي جا رهواسي سِوِل سوسائٽي جا نمائندا، توهان جي توجهه قائم ڊائلاسز سينٽر ۾ هلندڙ بدانتظامي، ڪرپشن، ۽ انساني جانن سان ٿيندڙ بي حسي ڏانهن وٺي وڃڻ چاهيون ٿا.

 ته هي سينٽر، مرحوم ڊاڪٽر لال مير شاهه شيرازي پاران غريب مريضن جي لاءِ خيراتي بنيادن تي قائم ڪيو ويو هو، پر سندن وفات کان پوءِ مرف نالي اين جي او ان جي ذميوار بڻجي وئي، جنهن جا موجوده سِوِل سرجن ڊاڪٽر يامين شاهه ۽ مرف جو ڊائريڪٽر  ملڪ ادم ، رٽائر ڊاڪٽر سرور شيخ آهن.بدقسمتي سان سينٽر جو ساليانو بجيٽ 1 ڪروڙ رپيا هجڻ باوجود، سرندي وارن کان ڊونيشن به ملڻ با وجود مريضن کي نه دوا ملي ٿي، نه علاج مناسب آهي.

هر ڊائلاسز سيشن تي هر مريض کان 500 رپيا ورتا وڃن ٿا، جيڪي غريب مريض برداشت نه ٿا ڪري سگهن. ماهر ٽيڪنيشن وسيم کي هٽائي، غير تربيت يافته بلڊ بئنڪ ٽيڪنيشن رحمت الله ميمڻ کي رکيو ويو آهي، جنهن جي اڻڄاڻائي سبب مريضن جي حالت خراب ٿي رهي آهي. ميشنون هر مھيني خراب ڪئي ٿي وڃي جنهن جا پئسا هر مريض کان 5000 ورتا ٿا وڃن،  مريضن کي ضروري دوائون،

خاص طور تي ڪيلشيم نه ملڻ سبب انهن جون ٽنگون ڪمزور ٿي رهيون آهن. سِوِل سرجن ڊاڪٽر يامين شاهه ۽ ملڪ ادم سڀ ڪجهه خبر ھجڻ باوجود، ڪا به قانوني ڪارروائي نه پيا ڪن. اسان جي اپيل آهي ته سينٽر ۾ ٿيندڙ بدانتظامي ۽ مالي بدعنوانين جي شفاف انڪوائري ڪرائي وڃي. غير تربيتي عملي کي هٽائي، ماهر طبي عملي کي مقرر ڪيو وڃي. مريضن کي مفت ڊائلاسز، دوا ۽ ضروري سهولتون مهيا ڪيون وڃن. بجيٽ جي آزاد آڊٽ ڪرائي وڃي. هي صرف صحت جو نه، پر انساني حقن جو معاملو آهي. توهان کان فوري نوٽيس وٺڻ جي پرزور اپيل ڪجي ٿي.

جُولاءِ 13, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو