سکر: 12 ورهين جي نياڻي جي اغوا ۽ زبردستي شادي خلاف شيخ برادري جو احتجاج، جوابدار خلاف ڪارروائي ۽ نياڻي جي بازيابي جو مطالبو

Spread the love

سکر ( رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) نياڻي جي عدم بازيابي خلاف پراڻو سکر ٿرمل ڪالوني سان تعلق رکندڙ شيخ برادري جي مردن، عورتن ۽ معصوم ٻارن پاران سکر پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو۔ سندن 12 سالن جي نياڻي نازيه کي جلد کان جلد بازياب ڪرائڻ جو مطالبو۔ان موقعي تي مظاهرين ۾ شامل نياڻي جي والد زاڪر حسين شيخ ۽ ماءُ گلستان الزام هڻندي ٻڌايو ته جتوئي برادري سان تعلق رکندڙ فيض جتوئي، سندس والد ۽ والده ٻن مهينا اڳ سندن نياڻي نازيه کي ورغلائي اغوا ڪيو هو ۽ لاڙڪاڻي جي تعلقي رتو ديرو جي عدالت ۾ کڻي وڃي پسند جي شادي ڪرائي ڇڏي۔

نازيه جي والدين جو چوڻ هو ته نه رڳو سندن نياڻي کي اغوا ڪيو ويو، پر جتوئي برادري طرفان کين مسلسل ڌمڪيون پڻ ملي رهيون آهن،هنن جو چوڻ هو ته هنن لاڙڪاڻي جي عدالت ۾ انصاف لاءِ درخواست داخل ڪرائي آھي جتي عدالت ڇوڪري جي ميڊيڪل رپورٽ ۽ جوابدار فيض جتوئي کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي۔

مظاهرين پوليس مٿان به سنگين الزام لڳائيندي چيو ته سي سيڪشن ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ مبينا طور 30 هزار کان 40 هزار رپيا رشوت وٺي ڪيس داخل ڪيو ويو پر ڪاروائي ناهي ڪئي هنن  چيف جسٽس آف پاڪستان،وزيراعليٰ سنڌ، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کي اپيل ڪئي آهي ته کين انصاف ڏنو وڃي،

سندن نياڻي کي بازياب ڪرائي جوابدار کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي۔انهن جو وڌيڪ چوڻ هو ته پوليس جي لاپرواهي ۽ مبينا رشوت ستاني جو به نوٽيس ورتو وڃي۔ علائقي واسين ۽ انساني حقن جي تنظيمن به واقعي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي، نياڻي جي اغوا ۽ زبردستي شادي خلاف فوري ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي۔

جُولاءِ 13, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو