ايف سي کي سڄي ملڪ جي وفاقي فورس ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت فرنٽيئر ڪانسٽيبلري کي سڄي ملڪ جي فيڊرل فورس ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
ذريعن موجب ان فيصلي تي عملدرآمد لاءِ وفاقي ڪابينا طرفان فرنٽيئر ڪانسٽيبلري ايڪٽ 1915 ۾ ترميمن جي منظوري کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ ايف سي جو دائرو وڌائڻ لاءِ هڪ آرڊيننس جاري ڪيو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ان فورس جو نالو تبديل ڪري فيڊرل ڪانسٽيبلري رکيو ويندو، جنهن کي چئني صوبن، اسلام آباد، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪم ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويندو.
آرڊيننس لاڳو ٿيڻ کانپوءِ نئين فورس لاءِ سڄي ملڪ ۾ ڀرتي ڪئي ويندي ۽ سڄي ملڪ ۾ آفيسون قائم ڪيون وينديون، نئين سر جوڙجڪ جي فريم ورڪ تحت فيڊرل ڪانسٽيبلري جي ڪمانڊ پوليس سروس آف پاڪستان جا آفيسر ڪندا، فيڊرل ڪانسٽيبلري جي قيام سان ملڪي داخلي سلامتي ۽ امن امان جي قيام ۾ مدد ملندي.
ذريعن موجب ان قدم کي قومي سطح تي داخلي سلامتي جي طريقي ڪار کي مضبوط ۽ مرڪزي بڻائڻ جي ڪوششن جو حصو قرار ڏنو پيو وڃي.

جُولاءِ 13, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو