ٽرمپ جي ٽياڪڙي جي تجويز امن جو در کوليو، ڀارت جو انڪار جنگي ذهنيت جو ثبوت آهي: محسن نقوي

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽياڪڙِي جي آڇ امن جو دروازو کوليو پر ڀارت جو انڪار ان جي جنگي ذهنيت جو ثبوت آهي.
ڪشمير جي شهيدن جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ محسن نقوي چيو ته 13 جولاءِ 1931 ۾ پنهنجي رت جو نذرانو پيش ڪندڙ ڪشميرين کي خراج عقيدت پيش ڪيون ٿا، آذان جي احترام ۾ گولين کي منهن ڏيندڙ 22 شهيد ڪشميرين جي قرباني کي سلام پيش ڪيون ٿا.
هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ عقيدن، سڃاڻپ، راءِ کي رياستي طاقت سان چٿڻ انساني وقار جي تذليل آهي، مودي سرڪار ڪشميرين خلاف ظالماڻي قدم کڻي رهي آهي، پاڪستان ڪشميرين جي آزادي جي حق جو محافظ، علمبردار ۽ ضامن آهي.
سندس چوڻ هو ته آمريڪي صدر ٽرمپ جي ٽياڪڙي جي تجويز امن جو دروازو کوليو پر ڀارت انڪار ڪري اهو دروازو پاڻ بند ڪيو، امن کان انڪار ڀارت جي جنگي ذهنيت جو ثبوت آهي.

جُولاءِ 13, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو