90 ڏينهن جي تحريڪ شروع ٿي چڪي آهي، آر يا پار ٿيندو: علي امين گنڊاپور

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ 90 ڏينهن جي تحريڪ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اسان ان تحريڪ ۾ آر يا پار ڪنداسين، حڪومت ۾ رهون يا نه رهون فرق نٿو پئي پر ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي عوام کي متحرڪ ڪنداسين.
لاهور ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو ته عمران خان قوم کي شعور ڏنو، پاڪستان جي آزادي ۽ خود مختياري جي ڳالهه ڪيائين، اسان جي خلاف هاڻ به ڪارروائيون ڪيون پيون وڃن، ڪنهن سياسي جماعت سان ايترو ظلم نه ٿيو جيترو اسان سان ٿيو، عمران خان خلاف ڪيس نه پيا هلايا وڃن، ڇو ته ان خلاف ڪو ڪيس ئي ناهي.
سندس چوڻ هو ته عمران خان پاڻ تي ٿيندڙ ظلم باوجود واضح طور چيو آهي ته مان پاڪستان خاطر ڳالهين لاءِ تيار آهيان پر هن واضح ڪيو آهي ته ڳالهيون رڳو انهن سان ٿينديون، جن وٽ اختيار آهن، عمران خان جي هدايت تي ڪالهه کان 90 ڏينهن جي تحريڪ شروع ٿي چڪي آهي، تحريڪ جي قيادت پاڻ عمران خان ڪندو ۽ ان جي حڪمن جا پابند آهيون.

جُولاءِ 13, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو