ڀارتي اداڪارا مڙس جي قاتلاڻي حملي ۾ زخمي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست ڪرناٽڪ جي شهر بينگلور ۾ ڪناڊا ٽي وي جي اداڪارا منجولا شروتي مڙس جي قاتلاڻي حملي ۾ زخمي ٿي پئي.
ڀارتي ميڊيا موجب منجولا شروتي تي سندس مڙس امريش بي وفائي جي شڪ ۾ حملو ڪيو، امريش مبينا طور شروتي تي اڳ ۾ مرچن جو اسپري ڪيو، پوءِ اداڪارا تي تشدد ڪندي سندس مٿو ڀت ۾ هنيو.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته منجولا ۽ امريش جي شادي کي 20 سال ٿي چڪا آهن ۽ انهن جا ٻه ٻار آهن، ڪجهه عرصي کان انهن جا لاڳاپا خراب ٿي ويا هئا، جنهن سبب ٽي مهينا اڳ شروتي عليحدگي ڪئي هئي.
منجولا شروتي هن وقت وڪٽوريا اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن، جڏهن ته پوليس قتل جي قدم جو ڪيس داخل ڪندي امريش کي گرفتار ڪري ورتو آهي.