وڳڻ ويجهو هٿياربندن جو وار، نوجوان کان موٽرسائيڪل ڦر

Spread the love

وڳڻ( رپورٽ: عاجز چانڊيو ) وڳڻ ويجھو ڳوٺ ياروديرو وٽان ڦورن نوجوان کي ھٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا،

خبر موجب وڳڻ ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ ياروديرو وٽان ڳوٺ سچيڏنو چانڊيو واسي ياسين چانڊيو کي موٽرسائيڪل سوار ٽي نامعلوم ڦورو ھٿيارن جي زور تي اڳ جھلي يرغمال بڻائي سخت تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد نئين سي ڊي موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا، متاثر پاران وڳڻ ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي وئي،

جُولاءِ 12, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو