سکر پوليس جي ڪامياب ڪارروايون: موٽرسائيڪلون هٿ، نشي آور گٽڪو ضبط، 4 جوابدار گرفتار

Spread the love

سکر ( رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ)سکر پوليس جي ڏوھارين خلاف ڀرپور ڪارروايون، 2 چوري ٿيل موٽرسائيڪلون ۽ نشي آور گٽڪو وڏي مقدار ۾ هٿ، 4 جوابدار گرفتار ايس ايس پي سکر اظھر خان جي هدايتن تي سکر پوليس پاران ڏوھارين خلاف ڪامياب ڪارروايون جاري آھن. ان سلسلي ۾ ٿاڻو آباد جي ايس ايڇ او ذوالفقار چاچڙ خفيه اطلاع تي مختلف هنڌن تي ڪارروايون ڪيون،

جن دوران موٽرسائيڪل چوري ۽ نشي آور گٽڪي جي اسمگلنگ ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.پوليس ترجمان موجب، ٿاڻو آباد جي حدن ۾ ڪامياب ڪارروائي ڪندي موٽرسائيڪل چوري جي وارداتن ۾ ملوث ٽن جوابدارن ـ ياسين شر، سانون شر ۽ محمد امتياز شر ـ کي گرفتار ڪيو ويو آھي.

انهن جي قبضي مان ٻه عدد چوري ٿيل موٽرسائيڪلون به هٿ ڪيون ويون. پوليس موجب گرفتار جوابدار مختلف ٿاڻن کي چوري، ڌاڙن ۽ ٻين سنگين ڏوهن ۾ گهربل هئا.ٻئي طرف، ٿاڻو آباد جي حد هالار ميمن سوسائٽي ڀرسان هڪ ٻي ڪارروائي دوران پوليس نشي آور گٽڪو وڪڻڻ ۾ ملوث جوابدار شهزادو ڪوريجو کي گرفتار ڪيو.

 جوابدار جي قبضي مان 80 عدد “آداب” نشي آور گٽڪي جا پئڪٽ هٿ ڪيا ويا، جيڪي انساني صحت لاءِ انتهائي نقصانڪار آهن.پوليس موجب، جوابدار خلاف منشيات ۽ گٽڪا ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آھي

.ايس ايس پي سکر اظھر خان پوليس ٽيم جي ڪامياب ۽ مؤثر ڪاررواين تي کين ڀرپور شاباس ڏني ۽ چيو ته سکر پوليس شھرين جي جان و مال جي تحفظ ۽ ڏوهن جي خاتمي لاءِ پنهنجي ڪوششن کي جاري رکندي. هن عوام کان اپيل ڪئي ته هو ڏوھارين جي سڃاڻپ ۾ پوليس سان سهڪار ڪن ته جيئن شھر کي پرامن ۽ محفوظ بڻائي سگهجي.

جُولاءِ 12, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو