سکر شهر صفائي جي بدترين صورتحال جو شڪار، وبائي بيمارين جو خطرو وڌي ويو، شهرين جو اعلى اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو
سکر ( رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ)سکر شهر صفائي جي شديد کوٽ جو شڪار، جتي ڪٿي گندگي جا ڍير لڳي ويا، علائقي واسين ۽ رهگيرن جي زندگي عذاب بڻجي وئي، بدبوءِ سبب وبائي بيمارين پکڙجڻ جو خطرو وڌي ويو. شهرين ۽ علائقي واسي سخت پريشانيءَ ۾ مبتلا، صوبائي وزير بلديات، ڪمشنر سکر ۽ ٻين اعلى اختيارين کان فوري نوٽيس وٺڻ جو مطالبو.
ان سلسلي ۾ سکر ميونسپل ڪارپوريشن ۽ سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ ڪمپني جي عملدارن جي مجرمانه غفلت ۽ لاپرواهي سبب شهر ۾ صفائيءَ جو نظام مڪمل طور تي ناڪام ٿي ويو آهي. شهر جي ڪاروباري مرڪزن کان علاوه مرڪزي روڊن تي گندگي جا ڍير لڳي ويا آهن، جتان نڪرندڙ بدبوءِ جي ڪري مختلف وبائي بيمارين پکڙجڻ جو خطرو شدت اختيار ڪري ويو آهي.
علائقي واسين جو چوڻ آهي ته بار بار شڪايتن باوجود انتظاميا جي ڪنن تي جونءِ به نه ٿي سري. صفائي جو عملو سياسي ۽ سرڪاري آفيسرن جي بنگلن تي ڊيوٽيون ڏئي رهيو آهي، پر شهر جي صفائي سٿرائي لاءِ ڪو به مؤثر قدم نٿو کنيو وڃي.
ڍشهرين، سماجي حلقن ۽ متاثر علائقن جي رهواسين صوبائي وزير بلديات، ڪمشنر سکر، ڊپٽي ڪمشنر، ميئر سکر، ميونسپل ڪمشنر ۽ ٻين اعلى عملدارن کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري نوٽيس وٺي، شهرين کي بنيادي بلدياتي سهولتون فراهم ڪيون وڃن، ۽ صفائي جي صورتحال کي فوري طور بهتر بڻايو وڃي.
جُولاءِ 12, 2025