سيوهڻ: بااثر سردار ملاح خلاف احتجاج، متاثر خاندان کي جان جو خطرو، تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو
سيوهڻ (رپورٽ: محمد صفر ايم سيوھاڻي):-سيوهڻ شريف جي ڪيئر ڪالوني جي رهواسي صفدر ملاح ۽ سندس گهر ڀاتين طرفان ملاح برادري جي بااثر سردار ملاح ، سندس پٽن ۽ ڀائٽن خلاف احتجاج، سردار ملاح خلاف ايف آء آر داخل ڪرائڻ باوجود پوليس کين گرفتار نه ٿي ڪري هو بااثر آهي، اسان کي سردار ملاح سندس پٽن ۽ ڀائٽن مان جان جو خطرو آهي، اسان کي ڪجه به ٿيو ته ان جا ذميوار سردار ملاح سندس پٽ ۽ ڀائٽيا هوندا،
تفصيل موجب سيوهڻ شريف جي ڪيئر ڪالوني جي رهواسي صفدر ملاح ۽ سندس گهر ڀاتين پاڪستان پريس ڪلب سيوھڻ جي صحافين آڏو دانهيندي چيو آهي ته بااثر سردار ملاح ۽ ان جا گهر ڀاتي سندن مٿان چوري جا ڪوڙا الزام هڻي کين حراسان ڪري رهيا آهن، جڏهن ته اسان جو سردار ملاح سان گهٽي تي مسئلو هلندڙ آهي،
هو هن کان اڳ اسان جي گهر تي حملو ڪري اسان جي معصوم نينگري کي زخمي ڪري چڪا آهن، جنهن جي سيوهڻ ٿاڻي تي ايف آي آر پڻ داخل ٿيل آهي، پر هو بااثر آهن، پوليس به کين گرفتار نٿي ڪري، اسان کي سردار ملاح ۽ سندس ڀائٽن مان جان جو خطرو لاحق آهي،
اسان کي ڪجه به ٿيو ته ان جا ذميوار سردار ملاح ۽ سندس ڀائٽا هوندا،هنن وڌيڪ چيو ته اسان آء جي سنڌ،ڊي آء جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ڄامشورو کان مطالبو ڪيون ٿا ته سردار ملاح ۽ سندس ڀائٽن کي فورن گرفتار ڪري کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
جُولاءِ 12, 2025