نوابشاهه: بنگله ديش جي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر جي ميئر هائوس آمد، ٻطرفي لاڳاپن جي واڌاري تي زور
نوابشاھ( رپورٽ: عبدالفتاح رند) بنگله ديش جي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر محبوبالعالم صاحب جي ميئر هائوس آمد، جتي شهيد بينظير آباد ميونسپل ڪارپوريشن جي ميئر قاضي محمد رشيد ڀٽي صاحب سان ملاقات ڪئي.
ان موقعي تي ميئر صاحب بنگله ديش جي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر محبوبالعالم کي سنڌ جو روايتي تحفو، سنڌي ٽوپي، اجرڪ ۽ خلوص جو تحفو پيش ڪيو ۽ چيو ته اسين سمجهون ٿا ته ملڪن جي دوستي قومن کي ويجهو آڻي ٿي. هي ملاقات پڄاڻي نه، پر هڪ خوبصورت شروعات آهي.
ميئر صاحب، محبوبالعالم صاحب سان بنگله ديش سان ٻطرفي واپاري لاڳاپن جي واڌاري تي زور ڏنو.
ان ملاقات ۾ ميئر صاحب پاران شهيد بينظير آباد جي چيمبر آف ڪامرس جي صدر ڊاڪٽر محمد ايوب آرائين کي پڻ مدعو ڪيو ويو هو، جڏهن ته ميونسپل ڪمشنر عبدالرزاق شيخ، عامر وهاب صديقي ۽ اصغر پيرزادو به موجود هئا.
جُولاءِ 12, 2025