نوابشاهه: ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيس شهيد بينظير آباد ۾ ماهوار ڪارڪردگي اجلاس، صحت شعبي جي منصوبه بندي تي زور

Spread the love

نوابشاه( رپورٽ: عبدالفتاح رند) ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيس، شهيد بينظير آباد (SBA) جي ڊاڪٽر موئن الدين هال ۾ ماهوار ڪارڪردگي جائزو اجلاس منعقد ڪيو ويو. اجلاس جي صدارت معزز ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر اسدالله ڏاهري صاحب ڪئي. اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسرن (ADHOs)، تحصيل اسپتالن (THQs) ۽ رورل هيلٿ سينٽرز (RHCs) جي ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽن،

 PPHI جي نمائندن، نجي غير سرڪاري تنظيم (NGOs) جي نمائندن ۽ سمورن ورٽيڪل پروگرام جي فوڪل پرسنز شرڪت ڪئي. اجلاس جي ميزباني DHIS ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر جاويد احمد قريشي ڪئي، جن تفصيلي انداز ۾ DHIS ۽ IDSR جي اهم ڪارڪردگي اشاري (KPIs) تي روشني وڌي. ورٽيڪل پروگرام جي سمورن ڊسٽرڪٽ فوڪل پرسنن گذريل مهيني جي ڪارڪردگي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.

ضلعي شهيد بينظير آباد ۾ ڪم ڪندڙ نجي اين جي اوز به پنهنجي ڪارڪردگي جو تفصيلي جائزو پيش ڪيو، جنهن کي ساراهيو ويو. اجلاس انتهائي تعميري ماحول ۾ منعقد ٿيو ۽ صحت شعبي جي مستقبل جي منصوبه بندي، هم آهنگي ۽ سهڪار تي پڻ زور ڏنو ويو. اجلاس جا تفصيلي منٽس جلد ئي شيئر ڪيا ويندا. ڊاڪٽر جاويد احمد قريشي ضلعي فوڪل پرسن، DHIS ۽ IDSR، شهيد بينظير آباد شرڪت ڪئي

جُولاءِ 12, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو