دادو: ڏينهن ڏٺي ميڊيڪل اسٽور مالڪ جي گهر تي ڌاڙو، مزاحمت تي نوجوان گولي لڳڻ سبب زخمي

Spread the love

دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو شهر جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ ڏينهن ڏٺي جو لکين ميڊيڪل جي گهر ۾ لکن روپين جو ڌاڙو، دادو بي سيڪشن ٿاڻي جي حد دڙو روڊ وٽ ميڊيڪل اسٽور جي مالڪ غلام عباس پٽ عارب شيخ جي بند پيل گهر ۾ 3 نامعلوم چور داخل ٿي گهر مان لکين روپيا کڻي ويا، گھر ڌڻي اوچتو گهر جو دروازو کولي پهتو ته چور چوري ڪري رهيا هئا، چورن کي ڏسي گهر ڌڻي غلام عباس شيخ چورن سان مزاحمت ڪئي ته 3 نامعلوم چورن کيس گولي هڻي سخت زخمي ڪري لٽيل سامان سميت فرار ٿي ويا

زخمي نوجوان غلام عباس شيخ کي سول اسپتال دادو آندو ويو جتي سندس علاج هلندڙ آهي، زخمي ايس ايس پي دادو کان گهر ڪئي ته فوري طور چوري ۽ ڦر ڪيل لکين روپيا واپس ڪرائي ڏوهارين کي گرفتار ڪيو وڃي،

جُولاءِ 12, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو