سکر ۾ موٽرسائيڪل ڦر جي واردات: مزاحمت تي نوجوان کي گولي لڳڻ سبب زخمي، شهرين جو امن امان بابت ڳڻتي جو اظهار

Spread the love

سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) سکر  موٽرسائيڪل ڦر جي واردات، مزاحمت ڪرڻ تي نوجوان کي گولي هڻي زخمي ڪيو ويو   سکر شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائمز خطرناڪ حد تائين وڌي ويا آهن۔ ٿانو سائٽ ايريا جي حدن ۾ واقع ڊگري ڪاليج جي سامهون موٽرسائيڪل ڦر جي واردات دوران مزاحمت تي هٿياربندن نوجوان کي گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو۔تفصيل موجب

، نوجوان اعجاز ملڪ معمول موجب موٽرسائيڪل تي وڃي رهيو هو ته اوچتو نامعلوم هٿياربند ماڻهن ڊگري ڪاليج سکر جي سامهون کيس روڪي، هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي ڇڏيو۔ملزمن نوجوان کان نئين “اپلائيڊ فار” 125 سي سي موٽرسائيڪل ڦر ڪري، مزاحمت ڪرڻ تي فائرنگ ڪري زخمي ڪري ڇڏيو۔ فائرنگ کان پوءِ هٿياربند فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا۔زخمي نوجوان کي فوري طور حرا اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي۔واقعي جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ تي پهچي وئي،

 جتي شواهد گڏ ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي، پر تاحال ڪنهن به جوابدار کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي۔شهرين طرفان وڌندڙ اسٽريٽ ڪرائمز تي سخت تشويش جو اظهار ڪندي، اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته سکر ۾ امن امان جي بهتري لاءِ ترت قدم کنيا وڃن ۽ جوابدارن کي جلد قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي۔

جُولاءِ 11, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو