ملير: ايپڪا پاپوليشن ڊپارٽمينٽ جي اڳواڻن جي ڪراچي بار سان ملاقات، ڪرپشن خلاف احتجاجي تحريڪ جو اعلان،

Spread the love

ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي) ايپڪا پاپوليشن ويلفيئر ڊپارٽمينٽ جي چيئرمين عبدالقدوس شيخ، جنرل سيڪريٽري جناب قدير حسين، ۽ ايس ڪي هيومن رائيٽس جي چيئرمين جناب غلام رسول ڪورائي، ڪراچي بار جي ايڪٽنگ جنرل سيڪريٽري ۽ وڪيل برادري سان هڪ اهم ملاقات ڪئي ان موقعي تي   پاپوليشن ويلفيئر ڊپارٽمينٽ اندر ٿيندڙ ڪرپشن، ظلمن، زيادتين ۽ انتقامي ڪاررواين بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي۔

ڪراچي بار جي ايڪٽنگ جنرل سيڪريٽري عمران عزيز ۽ ٻين ميمبرن  کي مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو عمران عزيز پنهنجي بيان ۾ ايپڪا جي چارٽر آف ڊيمانڊ جي ڀرپور حمايت جو اعلان ڪندي چيو ته هاڻ ڪراچي بار به پاپوليشن ويلفيئر ڊپارٽمينٽ جي ملازمن سان گڏ بيٺل آهي ۽ کين انصاف ملڻ تائين ساڻن گڏ رهندي۔ايڪٽنگ جنرل سيڪريٽري پنهنجي بيان ۾ وزيراعليٰ سنڌ جناب مراد علي شاهه ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ کان مطالبو ڪيو ته هو فوري طور هن معاملي جو نوٽيس وٺن ۽ ايپڪا پاپوليشن جي جائز مسئلن جو حل ڪڍن۔ ٻي صورت ۾، جيڪڏهن 17 جولاءِ 2025 تائين مطالبا نه مڃيا ويا ته پوءِ دمادم مست قلندرٿيندو۔

جُولاءِ 11, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو