ٺٽو: ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر جو اسپيشل ايجوڪيشن سينٽر جو دورو، معذور شهرين کي ووٽ جي اهميت بابت آگاهي فراهم
ٺٽو ( نظير احمد قريشي) ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر سيده حميرا بنت معاذ ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر خدا بخش بهراني ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن سان گڏ اسپيشل ايجوڪيشن سينٽر مڪلي جو دورو ڪيو ۽ معذور مردن ۽ عورتن سان ووٽر رجسٽريشن، ووٽ جي طاقت ۽ اهميت بابت گڏجاڻي ڪئي. ان موقعي تي پرنسپل اعجاز علي سولنگي پڻ موجود هو.
ضلعي اليڪشن ڪمشنر سيده حميرا بنت معاذ ، معذورن سان ڳالهائيندي چيو ته اهي ماڻهو مختلف صلاحيتن جا مالڪ آهن، جن کي الله تعاليٰ ڪيترين ئي صلاحيتن سان نوازيو آهي، هي رب العالمين جي سڀ کان خوبصورت ۽ خاص تخليق آهن ۽ پاڪستان جي شهرين جي سمورن آئيني حقن ۾ برابر جا شريڪ آهن. هن چيو ته ووٽ هڪ قومي فرض آهي،
ووٽ داخل ڪرائڻ ۽ ڏيڻ آئيني حق آهي جڏهن ته ووٽ ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي جي نظام جو ضامن به آهي، جيڪو پاڪستان جي جمهوري نظام کي مضبوط ڪرڻ لاءِ هڪ شاندار عمل آهي، جنهن ۾ شرڪت هر پاڪستاني جو پهريون قومي فرض آهي.
جُولاءِ 11, 2025