سڪرنڊ: عدالتي حڪم تي ناجائز حد دخلين خلاف آپريشن، ڪيترن ئي اڏاوتن کي ڊاهي ويو
سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ ) سڪرنڊ شهر ۾ ناجائز حد دخليون شهرين لاءِ عذاب بڻجڻ بعد شهرين جي شڪايت تي عدالتي حڪم بعد اسسٽنٽ ڪمشنر سڪرنڊ رميز راجا ۽ اينٽي انڪروچمينٽ آفيسر محرم علي زرداري شهر ۾ پوليس فورس سان گڏ هيوي مشينري ذريعي قاضي سرفراز ميمڻ چوڪ کان سڪرنڊ شاخ تائين ناجائز حد دخلين جي اڏاوت ڊاهڻ شروع ڪري ڇڏي ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر سڪرنڊ رميز راجا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حد دخليون عدالتي حڪم تي ڊاهي رهيا آهيون
ٻئي پاسي شهرين پاران ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ ۾ پڻ ڪيتريون شڪايتون ڪيون آهن ته قبضه خورن اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي ان ڪري جيڪي به قبضه غير قانوني هوندا سي ختم ڪنداسين ڀلي ڪنهن جا به هجن ٻئي پاسي اينٽي انڪرچمينٽ آفيسر محرم علي زرداري ٻڌايو ته اسان جو ڪم شهر مان ناجائز حد دخليون ختم ڪرائڻيون جيڪي وقت به وقت ڪرائيندا رهندا آهيون پر هن وقت قبضه خورن شهر کي ايترو ته سوڙهو ڪري ڇڏيو آهي جو گاڏي ته ڇا پر پنڌ هلڻ به مشڪل ٿي پيو آهي صبح جو نياڻيون اسڪول ڪاليج نٿيون وڃي سگهن ڪو ايمرجنسي ۾ مريض نٿو کڻي سگهي ان ڪري ڪاروائي ڪري رهيا آهيون جيڪا بنا ڪنهن فرق جي ٿي رهي آهي هوڏانهن شهرين پاران انتظاميه جي ان عمل کي ساراهيو ويو آهي .
جُولاءِ 10, 2025