سانگهڙ: سنڌ پوليس ۾ ڀرتي ٿيل 132 اميدوارن کي اپائنٽمنٽ ليٽر جاري، ايس ايس پي پاران مبارڪباد
سانگهڙ(رپورٽ:شاهنواز رونجهو) سانگهڙ جي ايس ايس پي غلام نبي ڪيريو 132 ڪامياب اميدوارن ۾ اپائنمينٽ جا ليٽر ورهايا. سنڌ پوليس ۾ ايس پي ڊي- ون 1، 2024 تحت ميرٽ تي پاس ٿيندڙ اميدوارن جي دستاويزن جي جانچ پڙتال، ضروري ويريفڪشن ۽ ميڊيڪل فٽنيس مڪمل ڪرڻ کان پوءِ، 132 اميدوارن ۾ آئي جي پي صاحب سنڌ جي حڪم تي
، ايس ايس پي سانگهڙ غلام نبي ڪيريو ڪامياب اميدوارن کي ايس ايس پي آفيس، سانگهڙ ۾ گهرائي ۽ انهن ۾ اپائنٽمنٽ آڊر ورهايا. ڪامياب اميدوارن ۾ 104 مرد، 21 عورتون ۽ 07 اقليتي اميدوار شامل آهن. ان موقعي تي ايس ايس پي سانگهڙ نوجوانن کي پوليس کاتي جو حصو ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اهي پنهنجون ذميواريون ايمانداري، فرض شناسي ۽ سٺي نموني سان نڀائيندا.
جُولاءِ 10, 2025