ياسر ۽ سونيا حسين جو حُميرا جي تدفين جي ذميواري کڻڻ جو اعلان

Spread the love

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪار سونيا حسين ۽ ياسر حسين اداڪارا حُميـرا اصغر جي تدفين جي ذميواري کڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ماڊل ۽ اداڪارا حُميـرا اصغر جي المياتي موت تي شوبز انڊسٽري ۽ مداح صدمي ۾ آهن، حُميـرا اصغر جي پيءُ طرفان لاش وٺڻ کان انڪار بعد شوبز برادري مان ڪيئي شخصيتون تدفين جي ذميواري کڻڻ لاءِ تيار آهن.
سماجي ڪارڪن مَهر بانو سيٺي سڀ کان پهريان حُميـرا اصغر جي تدفين جي ذميواري کڻڻ جو اعلان ڪيو، جنهن کانپوءِ اداڪارا سونيا حسين به ان مقصد لاءِ اڳتي آئي.
سونيا حسين پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو ته مونکي اها خبر ٻڌي حيرت ٿي ته حُميـرا جو لاش ڪير به وٺڻ لاءِ نه پيو اچي، مان نصيحت ڪرڻ نه آئي آهيان، پر جيڪڏهن ڪو به نه آيو ته مان هڪ انسان ۽ مسلمان هئڻ ناتي سندس تدفين جي ذميواري کڻڻ لاءِ تيار آهيان.
وڊيو دوران سونيا حسين روئڻهارڪي ٿي وئي ۽ ماڻهن کي اپيل ڪئي ته پنهنجي گهر وارن، پاڙيسرين ۽ دوستن سان رابطو رکو.
اداڪار ياسر حسين به سونيا حسين جي جذبي کي ساراهيندي چيو ته هي ذميواري سونيا کي ملڻ گهرجي نه ته مان به تيار آهيان، جنهن انڊسٽري جي ڪري مرحومه جي ڪٽنب ساڻس لاتعلقي جو اظهار ڪيو اها انڊسٽري سندس لاءِ موجود آهي.
ٻئي پاسي ميڊيا رپورٽن موجب، حُميـرا اصغر جا وارث اڄ لاهور کان ڪراچي پهچي سندس لاش وصول ڪندا.
ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا موجب اداڪارا جو مڙهه 6 مهينا پراڻو آهي، ڇاڪاڻ ته فليٽ مان ملندڙ کاڌي پيتي جي شين تي 2024 جي ايڪسپائري تاريخون لکيل آهن، جڏهن ته سندس فون رڪارڊ ۾ آخري پيغام به آڪٽوبر 2024 جا مليا آهن.

جُولاءِ 10, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو