محرم الحرام 2025 دوران مثالي خدمتن تي گڏاپ ٽائون کي ڊپٽي ڪمشنر پاران ڀيٽا، چيئرمين ۽ ٽيم کي تعريفي سندون
ملير (ڊر ) ضلعي ملير جي ڊپٽي ڪمشنر سليم الله اوڍو پاران ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن گڏاپ جي چيئرمين حاجي طارق عزيز بلوچ، ميونسپل ڪمشنر احمد يار ۽ لاڳاپيل آفيسرن کي محرم الحرام 2025 دوران گڏاپ ٽائون ۾ ڏنل مثالي بلدياتي خدمتن تي تعريفي سند ذريعي شاندار لفظن ۾ ڀيٽا پيش ڪئي وئي۔
ڊپٽي ڪمشنر ملير سليم الله اوڍو پاران جاري ڪيل تعريفي مراسلن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته چيئرمين حاجي طارق عزيز بلوچ ۽ ميونسپل ڪمشنر احمد يار جي اڳواڻيءَ ۾ گڏاپ ٽائون جي ٽيم صفائي سٿرائي، رستن جي مرمت، بتيون لڳائڻ ۽ ٻين بلدياتي سهولتن جي بروقت فراهمي کي يقيني بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ امام بارگاهن، مجلسن ۽ جلوسن جا مرڪزي ۽ ضمني رستا صاف، محفوظ ۽ روشن رهيا۔
ڊپٽي ڪمشنر چيئرمين طارق عزيز بلوچ جي اڳواڻاڻ صلاحيتن، عوامي خدمت جي جذبي ۽ ٽيم ورڪ جي واکاڻ ڪندي چيو ته سندن مؤثر رهنمائي، آفيسرن جي محنت ۽ تعاون سان محرم الحرام دوران بلدياتي خدمتون مثالي ۽ تسلي بخش رهيون. هن تعريفي سند کي نه صرف گڏاپ ٽائون جي مجموعي ڪارڪردگيءَ جو اعتراف قرار ڏنو ويو، پر چيئرمين ۽ ميونسپل ڪمشنر جي انفرادي صلاحيتن، فهم ۽ پيشه ورانه وابستگي جو پڻ اعتراف ڪيو ويو آهي۔
ان موقعي تي چيئرمين حاجي طارق عزيز بلوچ چيو: “هيءَ تعريفي سند گڏاپ ٽيم جي جذبي، محنت ۽ عوامي خدمت سان سچائيءَ جي وابستگيءَ جو نتيجو آهي. مان ميونسپل ڪمشنر احمد يار، ڊائريڪٽر سينيٽيشن اشرف بلوچ، ڊپٽي ڊائريڪٽر محمد افضل لغاري، سپرينٽنڊنٽ انجنيئر (ايم اينڊ اي) نور علي جمالی، اي اي اي وسيم آرائين ۽ ٻين سمورن آفيسرن ۽ عملي کي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪيان ٿو. اسان پرعزم آهيون ته ايندڙ وقتن ۾ به گڏاپ ٽائون کي هڪ مثالي بلدياتي ادارو بڻائڻ لاءِ پنهنجي خدمتن جو سلسلو جاري رکنداسين.”
جُولاءِ 9, 2025