دادو ۾ مبينا اغوا ڪيس جو نئون رخ: عائشه برهماڻي پاران اغوا جي ترديد، مڙس تي نشي، تشدد ۽ ڌمڪين جا الزام
دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو ۾ اغوا ڄاڻايل عائشہ برهماڻي جو وڏو انڪشاف, “مونکي ڪنهن به اغوا نه ڪيو، مڙس نشي جو عادي ۽ تشدد پسند آهي” گھران نڪري تحفظ لاءِ مامي جي گهر آئي آهيان، دادو ۾ اغوا ڄاڻايل عورت عائشہ برهماڻي جو بيان منظر عام تي اچي ويو آهي، جنهن پنهنجي مڙس غضنفر ولد علي اڪبر برهماڻي تي سنگين الزام لڳائيندي چيو آهي ته سندس مڙس نشي جو عادي آهي ۽ ڪيترائي ڀيرا کيس تشدد جو نشانو بڻائي زباني طلاق ڏني آهي.
عائشہ برهماڻي ٻڌايو ته 6 محرم تي مڙس سخت تشدد ڪيو، جنهن بعد هن پنهنجي ۽ ٻارڙن جي جان بچائڻ لاءِ ماما شير گوپانگ وٽ پناهه ورتي. هن چيو ته مونکي ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو، پر ساهرن مان منهنجي ۽ منهنجي مائٽن جي حياتي کي خطرو آهي. عائشہ وڌيڪ الزام لڳايو ته جڏهن هوءَ ماما شير گوپانگ وٽ پناھ وٺڻ لاءِ پهتي ته سندس ساهرن شير گوپانگ ۽ سندس پٽن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي.
عائشہ واضع ڪيو ته جيڪڏهن ماما شير گوپانگ يا سندس پٽن کي ڪو به نقصان پهتو ته ان جا ذميوار سڪندر برهماڻي، مظفر برهماڻي، غضنفر برهماڻي ۽ قربان برهماڻي هوندا. عائشہ برهماڻي اعليٰ حڪام کان تحفظ فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.
جُولاءِ 9, 2025