سکر: برگد آرگنائيزيشن ۽ زیبسٹ جي سهڪار سان NYVN سنڌ چيپٽر جي تربيتي ورڪشاپ، نوجوانن، ٽرانسجینڊرز ۽ معذورن جي ڀرپور شرڪت
سکر( رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ)برگد آرگنائيزيشن فار يوتھ ڊولپمينٽ ۽ زیبسٹ يونيورسٽي ڪراچي جي سهڪار سان نيشنل يوتھ والنٽيئرز نيٽورڪ (NYVN) سنڌ چيپٽر جي هڪ ڏينهن واري تربيتي ورڪشاپ جو انعقادخبر موجب— برگد آرگنائيزيشن فار يوتھ ڊولپمينٽ پاران زیبسٹ يونيورسٽي ڪراچي جي تعاون سان نيشنل يوتھ والنٽيئرز نيٽورڪ (NYVN) سنڌ چيپٽر جي نون چونڊيل ميمبرن لاءِ هڪ ڏينهن واري تربيت جو ڪامياب انعقاد ڪيو ويو۔
هي ورڪشاپ ڪراچي جي مختلف يونيورسٽين مان آيل نوجوانن، ٽرانسجینڈر برادري ۽ معذور ماڻهن جي شرڪت سان منعقد ڪئي وئي، جيڪا هن نيٽورڪ جي شموليت ۽ تنوع جي عڪاسي ڪري ٿي۔ تربيت دوران نوجوانن کي اهم موضوعن جهڙوڪ سماجي احتساب ۽ معلومات تائين رسائي جو حق (RTI)، ماحولي تبديلي ۽ نوجوانن جو ڪردار، ۽ شموليت تي ٻڌل پاليسيون تي آگاهي ڏني وئي۔
تقريب جا خاص مهمان سابق وفاقي ۽ صوبائي قانون واري وزير بيرسٽر شاهده جميل، پروفيسر ڊاڪٽر حريم صديقي (اسٽوڊنٽ ايڊوائيزر، زیبسٹ)، محترمه هما عباسي، ۽ ايڊووڪيٽ محمد عثمان سومرو هئا۔
چيف گيسٽ بيرسٽر شاهده جميل نوجوانن سان خطاب ڪندي چيو: “پاڪستان جي آزادي واري تحريڪ ۾ نوجوان والنٽيئرز جو ڪردار نمايان رهيو آهي۔ اڄ جا نوجوان به قوم جي واڌاري لاءِ گڏجي ڪم ڪن، ته ملڪ ٻيهر عظيم بڻجي سگهي ٿو۔”
برگد آرگنائيزيشن جي نمائندي عبدالباري تقريب جي شرڪت ڪندڙن، مهمانن ۽ زیبسٹ انتظاميه جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته هي تربيت سنڌ ۾ هڪ باخبر، پرعزم ۽ سرگرم نوجوانن جي نيٽورڪ جي شروعات آهي۔
تقريب جي آخر ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽس ورهايا ويا، جڏهن ته سونيئر ۽ شيلڊز به مهمانن کي پيش ڪيا ويا۔
جُولاءِ 9, 2025