سکر: گوليمار جي ڀٽ برادري سان لاڳاپيل خاندان جو بااثر مٽن مائٽن جي ظلمن خلاف احتجاج، پوليس تي جانبداري جا الزام، تحفظ ۽ انصاف جو مطالبو

Spread the love

سکر (بيورو رپورٽ)سکر جي علائقي گوليمار جي رهواسين، جيڪي ڀٽ برادري سان تعلق رکن ٿا، پنهنجن ئي بااثر مٽن مائٽن جي مبينا ظلمن، زيادتين ۽ ناانصافين خلاف سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهري ۾ شهباز ڀٽ، مسمات لطيفه، مسمات شميم ۽ ٻيا شامل هئا.احتجاج دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي متاثرن ٻڌايو ته لڳ ڀڳ پنج مهينا اڳ سندن خاندان سان لاڳاپيل هڪ عورت گهران ڀڄي وئي، جنهن جو ڪوڙو الزام انهن تي هڻي، کين مختلف وقتن تي تشدد جو نشانو بڻايو ويو. متاثرن الزام هنيو ته ان واقعي جي تازي ڪڙي گذريل رات سامهون آئي،

جڏهن 15 کان 20 هٿياربند ماڻهن سندن گهر ۾ گهڙي، عورتن، ٻارن ۽ مردن کي يرغمال بڻائي سخت تشدد جو نشانو بڻايو.مظاهرين مطابق حملو ڪندڙن انور ڀٽ، اڪرم ڀٽ ۽ مسمات شهناز کي پستول جي بٽ وهائي سخت زخمي ڪيو، جڏهن ته گهر ۾ رکيل سامان به لوٽي فرار ٿي ويا. زخمين کي پنهنجي مدد پاڻ تحت سول اسپتال سکر منتقل ڪيو ويو، جتي کين طبي امداد ڏني وئي. واقعي جي رپورٽ لاڳاپيل سي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪرائي وئي، پر مظاهرين پوليس تي الزام هڻندي چيو ته پوليس روايتي سستي جو مظاهرو ڪندي اڃا تائين ڪنهن به جوابدار خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي آهي، بلڪه الٽو متاثر ڌر کي ئي تنگ ڪيو پيو وڃي.

شڪايت ڪندڙن موجب نامزد جوابدارن ۾ مظھر ڀٽ، قمبر ڀٽ، صفدر ڀٽ، ياسر، خادم، ذاڪر، واجد، امجد، غلام عباس ڀٽ سميت ٻيا اڻڄاتل ماڻهو شامل آهن. مظاهرين وڌيڪ چيو ته جوابدارن پوليس کي رشوت ڏئي پاڻ لاءِ ڪارروائي رڪائي ڇڏي آهي ۽ هو مسلسل متاثر ڌر کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.احتجاج ڪندڙن چيف جسٽس آف پاڪستان، وزيراعليٰ سنڌ، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته واقعي جي صاف ۽ شفاف جاچ ڪرائي،

 نامزد جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي، جڏهن ته ملوث پوليس اهلڪارن خلاف به محڪما وار ڪارروائي ڪئي وڃي. انهن مطالبو ڪيو ته کين تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي ته جيئن هو سک سان پنهنجي زندگي گذاري سگهن.

جُولاءِ 9, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو