سکر: برکا ايڊ يوڪي ۽ اسٽيپ فائونڊيشن پاران معزورن لاءِ ڪاروباري سهولتن جي فراهمي، ويل چيئرز ۽ روزگار جو سامان ورهايو ويو

Spread the love

سکر (رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) اسپيشل ماڻهن (معزورن) کي پنهنجو ذاتي ڪاروبار ڪرڻ جي حوالي سان سماجي تنظيم برکا ايڊ يوڪي پنهنجي پارٽنر اسٽيپ فائونڊيشن سکر سان گڏجي آبادلاکا ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن جي خاص مهمان اسٽيپ فائونڊيشن چيئرپرسن ميڊم شائسته بلوچ هئي تقريب ۾ موجود معزورن کي هٿ ريڙها۔

 ڪاروبار لاءِ ٻارن جي کائڻ پيئڻ جو سامان وڪري لاء ڏنو ويو جڏهن ته ويل چيئرز به ورهايون ويون ان موقعي تي تقريب کي ميڊم شائسته بلوچ خطاب ڪندي چيو ته اهي ادارا ماڻھن دلين تي راڄ ڪن ٿا جيڪي عوام جي بيغير مفاد جي خدمت ڪن ٿا ۽ خاص ماڻهن (معزورن) جي خدمت کي سپورٽ ڪندڙ ادارا بي مثال آهن

هن فتني واري دور ۾ جتي هر ماڻهو پنهنجي لاءِ ڪم ڪندو آهي پر اهي ماڻهو جيڪي ٻين جي مدد لاءِ ڪم ڪن ٿا اهي الله تعاليٰ جي ويجهو هوندا آهن۔انشاء الله انساني خدمت وارو سلسلو جاري آھي ۽ رهندو۔

جُولاءِ 9, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو