سکر: نثار احمد جي قتل خلاف منڱڻهار برادري جو ڊي آءِ جي آفيس آڏو احتجاج، بااثر جوابدارن جي گرفتاري ۽ انصاف جو مطالبو
سکر(بيورورپورٽ) انصاف جي حاصلات لاءِ منڱڻهار برادري جو ڊي آئي جي آفيس آڏو احتجاج ڪيو ۔ان سلسلي ۾ سکر جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد، مليٽري روڊ واري علائقي جي منڱڻهار برادري سان تعلق رکندڙ عورتن، مردن ۽ معصوم ٻارڙن پاران ڊي آئي جي آفيس آڏو انصاف لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ويڊيو بيان موجب، متاثرن عاشق علي، عرفان، ذيشان، ڪزبانو، عبداللطيف، ريحانه، ڪونج، شھزادي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 23 جون تي سندن نوجوان نثار احمد کي ساڳئي برادري سان تعلق رکندڙ بااثر ماڻهن علي شير،
بشير احمد، گلشن علي منڱڻهار، وسير، مشعال ۽ نصيب الله بي رحمي سان تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن سبب نثار احمد کي پهريائين سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان کيس سنگين زخمن سبب گمبٽ اسپتال داخل ڪيو ويو، جتي هو 14 ڏينهن علاج هيٺ رهڻ بعد دم ڏئي ويو.متاثرن الزام لڳايو ته ڪيس اي سيڪشن ٿاڻي تي داخل هجڻ باوجود پوليس بااثر جوابدارن کي مبينا طور تي رشوت عيوض آزاد ڪري ڇڏيو آهي،
جنهن سبب کين انصاف ملڻ جي اميد ختم ٿي رهي آهي.هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر، ۽ ٻين وس وارن کان اپيل ڪئي آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي، ملوث جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن مقتول جي وارثن کي انصاف ملي سگهي
جُولاءِ 9, 2025