ڪراچي: ناليواري اداڪارا ۽ ماڊل حميرا اصغر جو فليٽ مان ڪيترائي ڏينهن پراڻو لاش هٿ

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي جي فليٽ مان ناليواري اداڪارا ۽ ماڊل حميرا اصغر جو ڪيترائي ڏينهن پراڻو لاش هٿ آيو آهي.
ڊي آءِ جي ڏکڻ زون سيد اسد رضا موجب ناليواري اداڪارا حميرا اصغر علي جو لاش اتحاد ڪمرشل، فيز 6 جي هڪ فليٽ مان برآمد ٿيو.
هن ٻڌايو ته گزري پوليس مقامي عدالت جي حڪم تي فليٽ خالي ڪرائڻ لاءِ پهتي هئي، جڏهن پوليس پارٽي منجهند سوا 3 وڳي در کڙڪايو ته اندران ڪو جواب نه مليو.
ان کانپوءِ پوليس تالو ڀڃي اندر داخل ٿي ته اداڪارا مئل حالت ۾ ملي، هوءَ ان فليٽ ۾ مسواڙ تي رهندي هئي.
لاش ملڻ کانپوءِ شاهديون گڏ ڪرڻ لاءِ پوليس جي ڪرائم سين يونٽ کي به طلب ڪيو ويو.
ڊي آءِ جي اسد رضا وڌيڪ ٻڌايو ته لاش ڪيترائي ڏينهن پراڻو لڳي رهيو آهي، شروعاتي جاچ ۾ موت جو ڪارڻ معلوم ناهي ٿي سگهيو، وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ لاش جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر منتقل ڪيو ويو آهي.
پوليس سرجن ڊاڪٽر سمعيه سيد موجب اداڪارا جو لاش خراب حالت ۾ اسپتال آندو ويو.
واضح رهي ته حميرا اصغر ”احسان فراموش ۽ گرو“ سميت ڪيترن ئي ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا هئا، جڏهن ته هوءَ سوشل ميڊيا تي سرگرم رهندي هئي.

جُولاءِ 9, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو