ڳوٺ بجار لغاري تي پوليس جو لڳاتار ڪڙو، ”لوڙهن“ واري تاريخ جو ورجاءُ

Spread the love

ڳوٺ بجار خان لغاري، جيڪو موري ڀرسان سنڌ جي سادي، امن پسند ۽ پيار ڪندڙ ماڻهن جو ڳوٺ آهي، اڄ اُن جي حالت اها آهي ته ماڻهو صبح جو نڪرن ته واٽون بند، شام ٿئي ته در بند ۽ رات جو خوف سبب سک سان سمهي به نٿا سگهن. ڳوٺ بجار خان لغاري تي پوليس جو لڳاتار ڪڙو، اُن علائقي جي ماڻهن لاءِ هر گهڙي قيامت بڻجي ويو آهي. ڳوٺاڻن لاءِ پنهنجي ئي زمين تي هلڻ حرام، ٻاهر روزگار لاءِ وڃڻ ناممڪن، ٻار اسڪول وڃڻ کان محروم، مريض علاج لاءِ اسپتال نٿا وڃي سگهن، خوف جي اهڙي فضا قائم ڪئي وئي آهي، جو عام ماڻهو پنهنجن ئي گهرن ۾ قيدي بڻجي ويا آهن. جتي بک، بيماري ۽ بيروزگاري ڀيانڪ صورت اختيار ڪري ورتي آهي. جنهن سبب فضيلا لغاري نالي هڪ ماءُ، جنهن بک ۽ بيماريءَ کان تنگ اچي، پنهنجي ٻن ورهين جي معصوم ڌيءَ ڀلي لغاري سان گڏ درياهه ۾ ٽپو ڏئي پنهنجن زندگين جو انت آندو. هيءَ واقعو دراصل سنڌ سرڪار جي بيحسيءَ، پوليس جي ظلم ۽ ناانصافيءَ خلاف هڪ خاموش، پر زوردار احتجاج آهي.

هن ملڪ ۾ جمهوريت جي نالي ۾ جيڪا نيم آمريت قائم آهي، ان جي ناانصافين ظلم جا مثال  ملڪي  تاريخ توڙي دورن ۾ ملڻ مشڪل آهي، البته  انگريز سرڪار سنڌ  جي مختلف ماڳن تي  ”لوڙها“ قائم  کين غير انساني سزا ۽ اذيت ڏئي عبرت جو نشان بڻائيندا هئا.  اڄ اهو ئي منظر وري ڳوٺ بجار لغاري ۾ نظر اچي ٿو. اُن وقت برطانيا جو راڄ هو، پر اڄ ته سنڌ جي نالي تي سنڌ تي ئي ٻاجهه نٿي ٿئي.ڪو به حساس دل رکندڙ ماڻهو، جڏهن بجار لغاري جي هن وقت جي تصوير ڏسي ٿو ته سندس دل تڙپي پوي ٿي.

سنڌ حڪومت، جيڪا پاڻ کي غريبن جي وارث، شهيدن جي جماعت ۽ جمهوريت جي امين چوي ٿي، اڄ انهن غريبن خلاف اهڙو ورتاءُ اختيار ڪيو آهي، جيڪو نه فقط جمهوريت پر انسانيت جي به تذليل آهي. بجار خان لغاري جو ڪڙو دراصل انهيءَ سوچ ۽ ڏاڍ جو تسلسل آهي، جتي ماڻهن کي سزا ڏيڻ لاءِ عدالت نه پر پوليس استعمال ڪئي ويندي آهي. سياسي مخالفن کي سيکت ڏيڻ لاءِ قانون نه پر خوف جو هٿيار استعمال ٿيندو آهي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته سنڌ حڪومت ۽ پيپلز پارٽي جي حڪمرانيءَ هيٺ، جتي ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، گهوٽڪي ۽ شڪارپور جا ڌاڙيل رياستي رٽ لاءِ چيئلنج بڻجي چڪا آهن، اتي ته ڪنهن به ڳوٺ تي ڪڙو چڙهيل ناهي، نه ڪو پوليس آپريشن. اهي ڌاڙيل، جيڪي وڏن وڏن واقعن، اغوا، قتل ۽ ڌاڙن ۾ ملوث آهن، انهن خلاف ڪا فيصلائتي ڪارروائي ڪرڻ لاءِ پوليس کي پنهنجي  حد ياد اچي ويندي آهي. پر جڏهن ڳالهھ اچي ڪنهن غريب، ڪمزور ۽ سياسي طور بي  لاوارث ڳوٺ جي، ته پوليس پنهنجو سمورو زور انهن بي گناهن تي آزمائي ٿي، جيڪي پنهنجي زندگيءَ جي بنيادي حقن لاءِ به سِڪي  رهيا آهن.

اهو ئي تضاد آهي، جيڪو سنڌ جي حڪومتي مشينريءَ جي بيحسي، بدنظمي ۽ سياسي انتقام واري روش کي وائکو ڪري ٿو. ڇا سنڌ جي حڪمرانن لاءِ ڌاڙيلن جا ڳوٺ ”حڪومتي تحفظ يافته“ علائقا آهن؟ ڇا قانون فقط انهن لاءِ آهي، جن وٽ جا طاقت ناهي؟ ڇا انصاف صرف حڪمران جماعت جي سياسي مفادن جي تابع بڻجي چڪو آهي؟ جيڪڏهن بجار لغاري ۾ ڪو ڏوهه ٿيو آهي، ته قانوني طريقيڪار مطابق انفرادي طور تي جاچ ۽ ڪارروائي ٿيڻ کپي ها، نه ته سڄي ڳوٺ کي عبرت جو نمونو بڻائڻ. اهي ڳوٺ، جتان جا ٻار لطيف جا بيت پڙهي ڳالهائڻ سکندا آهن، جتي رواداري، همدردي ۽ سهپ کي سماجي خوبيون سمجهيو ويندو هو، اڄ انهن ڳوٺن کي ڏاڍ ۽ سياسي انتقام  جو نشانو بڻايو پيو وڃي. حڪومت کي گهرجي ته بجار لغاري جي بي گناهه ماڻهن سان انصاف ڪري، سندن لاءِ روزگار جا در کولي، طبي سهولتن تائين رسائيءَ کي بحال ڪري ۽ انساني حقن جي بحاليءَ لاءِ عملي قدم کڻي. حڪومت جو ڪم ماڻهن کي خوف ۾ رکڻ نه، پر سندن زندگين کي بهتر بڻائڻ آهي. سياسي مقصدن لاءِ پوليس کي هٿيار بڻائڻ سنڌ جي امن کي خطرناڪ حد تائين غير مستحڪم ڪري سگهي ٿو. ان لاءِ ڳوٺ بجار خان لغاري تان فوري طور ڪڙو ختم ڪيو وڃي، پوليس جي غيرقانوني گهيري کي هٽايو وڃي، ڳوٺاڻن کي آزاد زندگي گذارڻ ڏني وڃي ۽ فضيلا لغاري ۽ سندس ڌيءَ جي دردناڪ موت کان سبق حاصل ڪندي، مستقبل لاءِ اهڙين حالتن کان پاسو ڪيو وڃي. جيڪڏهن حڪومت واقعي عوام جي نمائندگي جي دعويٰ ڪري ٿي، ته پوءِ ان نمائندگي جو مطلب هي ناهي ته عوام کي ئي ڌڪي، لتاڙي ۽ قيد ڪري، بلڪه انهيءَ نمائندگيءَ جو اصل امتحان اهو آهي ته عوام سان انصاف ڪيو وڃي .

جُولاءِ 9, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو