گڏاپ ٽائون: چيئرمين حاجي طارق عزيز بلوچ جي صدارت ۾ هنگامي اجلاس، برسات کان پوءِ نيڪاسي ۽ صفائي لاءِ تڪڙا اپاءُ
ملير (ڊر ) ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن گڏاپ جي چيئرمين حاجي طارق عزيز بلوچ حالیہ مون سون جي برساتن کان پوءِ پيدا ٿيل صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ گڏاپ ٽائون آفيس ۾ ڪائونسل جي ميمبرن ۽ لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن سان گڏ هڪ اهم اجلاس منعقد ڪيو. اجلاس ۾ نيڪالِ آب، صفائي سٿرائي، روڊن ۽ متاثر ٿيل علائقن ۾ تڪڙا اپاءُ وٺڻ بابت تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون.
ان موقعي تي چيئرمين حاجي طارق عزيز بلوچ لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته گڏاپ ٽائون جي سمورن علائقن مان جلد کان جلد برساتي پاڻي نيڪال يقيني بڻايو وڃي ته جيئن شهرين کي ڪا به تڪليف پيش نه اچي. چيئرمين چيو ته، “گڏاپ جي عوام جي خدمت اسان جي پهرين ترجيح آهي، آفيسر پاڻ فيلڊ ۾ نڪرن ۽ نگراني ڪن ته جيئن مسئلا جلد حل ٿين.”
سپرنٽنڊنٽ انجنيئر (ايم اينڊ اي) نور علي جمالی ۽ (اي اي اي) وسيم آرائين بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سندن ٽيمون برسات کان پوءِ فوري طور تي فيلڊ ۾ متحرڪ ٿي ويون، اڪثر علائقن مان پاڻي نيڪال مڪمل ٿي چڪو آهي، جڏهن ته باقي هنڌن تي ڪم تيزي سان جاري آهي. سڀ آفيسر روزانو جي بنياد تي مانيٽرنگ ڪري رهيا آهن ۽ ڪنهن به شڪايت تي فوري ايڪشن ورتو پيو وڃي.
ان موقعي تي ڊائريڪٽر سينٽيشن اشرف بلوچ ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر محمد افضل لغاري صفائي جي حوالي سان آگاهي ڏيندي چيو ته برسات کان پوءِ سمورن يوسيز ۾ صفائي جي خاص مهم شروع ڪئي وئي آهي، ڪچرو فوري طور تي منتقل ڪيو پيو وڃي، برساتي پاڻي جي نيڪاسي ۽ جراثيم ڪش اسپري کي ترجيح ڏني پئي وڃي. عملي جون موڪلون منسوخ ڪري کين فيلڊ ۾ مقرر ڪيو ويو آهي ته جيئن صفائي جي صورتحال کي بهتر بڻائي سگهجي.
اجلاس ۾ ميونسپل ڪمشنر احمد يار، پارلياماني ليڊر ڪائونسل ميمبر مير عباس ٽالپور، ميمبر حاجي عيسيٰ، ميمبر عبدالستار جوکيو، ڊائريڪٽر پراپرٽي سهيل يار خان، ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر جلال حنيف، ڊائريڪٽر انفارميشن رضوان صابر، ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن محمد شرجيل خان ۽ چيئرمين جا پي ايس لعل جان نبي پڻ موجود هئا.
جُولاءِ 8, 2025