سکر: صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ 25 ارب رپين جو منصوبو، ميئر ارسلان شيخ جي صدارت ۾ اهم اجلاس، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت عملدرآمد جو اعلان

Spread the love

سکر (رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) ترجمان سنڌ حڪومت ۽ ميئر سکر بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ جي صدارت ھيٺ سکر شھر ۾ عوام کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ڊگھي عرصي واري اسڪيم جي مشاورت لاءِ اجلاس ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي ڪميٽي روم ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ اي ڊي سي ٽو بشریٰ منصور، پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس جي طارق رئوف، آل سکر سمال ٽريڊرس جي جنيد شيخ، منير ميمڻ، محمد سليم، اتحاد آل سکر تاجر جي حاجي پرويز چنہ،

سکر چئمبر آف ڪامرس جي محسن فاروق ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي ترجمان سنڌ حڪومت ۽ ميئر سکر بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ چيو تہ سکر ميونسپل ڪارپوريشن ۾ عوام کي ڊبليو ايڇ او جي معيار مطابق پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت اسڪيم جوڙي پئي وڃي جنھن جي منظوري وزير اعلي سنڌ ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ بورڊ جي چيئرمين سيد مراد علي شاھ جي صدارت ھيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ ورتي ويندي. ھن وڌيڪ چيو تہ ھن منصوبي تحت ميونسپل ڪارپوريشن جي 5 لک کان وڌيڪ آبادي کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ٿي سگھندو،

25 ارب روپين جي لاڳت واري ھن منصوبي ۾ پاڻي گڏ ڪرڻ، پاڻي صاف ڪرڻ، مشينري لڳائڻ کان علاوھ گھرن تائين پاڻي پھچائڻ لاءِ پائيپ لائين وڇائڻ شامل آھن. ھن وڌيڪ چيو تہ سنڌ حڪومت منصوبو مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ڪمپني کي 20 سالن جي مدت ۾ خرچن جي ادائيگي ڪندي. ميئر وڌيڪ چيو تہ ھن منصوبي کي وڌيڪ ڪارگر بڻائڻ لاءِ وارڊ، يونين ڪميٽي ۽ ٽائون سطح تي مشاورت سان تاجر تنظيمن ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن سان پڻ مشاورت ڪئي پئي وڃي.

ھن موقعي تي ميئر سکر واپاري اڳواڻن ۽ لاڳاپيل کاتن جي عملدارن تي زور ڀريو تہ منصوبي جي مڪمل ٿيڻ بعد پاڻي جي بلنگ ۽ سروس چارجز جي حوالي سان بھتر تجويزون ڏين تہ جيئن پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ بورڊ جي ايندڙ اجلاس ۾ ھن منصوبي جي منظوري لاءِ سروي دوران مرتب ڪيل تجويزون پيش ڪري سگھجن. ميئر سکر بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ سينسس بيورو جي عملدارن کي ميونسپل حدن ۾ آبادي، ڪمرشل ۽ صنعتي يونٽس جي مڪمل تفصيل ڏيڻ جي ھدايت ڪئي تہ جيئن انھن انگن اکرن کي نظر ۾ رکندي مستقبل ۾ منصوبي کي وڌيڪ جٽادار بڻائي سگھجي.

ھن موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر سکر ڊاڪٽر ايم بي راجا ڌاريجو چيو تہ سکر شھر جي 250 ھنڌن تان جر جي پاڻي جا نمونا ورتا ويا جن ۾ آرسينڪ جو مقدار وڌيڪ ھو، آرسينڪ گھڻي مقدار ۾ ھجڻ ڪري بيماريون وڌن ٿيون، ھن چيو تہ بيمارين کي روڪڻ ۽ عوام جي صحت لاءِ صاف پاڻي جي فراهمي جو ھي اھم منصوبو آھي جنھن سان علائقي واسين جي زندگين تي مثبت اثر مرتب ٿيندو. انھيءَ موقعي تي صدر سمال ٽريڊرس انڊسٽريز جاويد ميمڻ ۽ ٻين واپاري اڳواڻن چيو تہ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي شھرين جو پراڻو مسئلو آهي،

جنھن کي حل ڪرڻ لاءِ ميئر سکر ۽ سنڌ حڪومت پاران تمام بھترين منصوبو آندو پيو وڃي، تاجرن جي سمورين تنظيمن ۽ معزز شھرين ھن منصوبي کي لڳائڻ ۽ ڪامياب بڻائڻ ۾ ھر ممڪن سھڪار جي خاطري ڪرائي.#

جُولاءِ 8, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو