نوابشاهه: عوامي راڳي شاھد ٻٻر سان هٿياربندن جي ڦر، 20 لک جي نقصان خلاف پريس ڪانفرنس، صدر پاڪستان کان انصاف جي اپيل
نوابشاھ ( رپورٽ :عبدالفتاح رند) سنڌ جي مشهور عوامي راڳي شاھد ٻٻر نوابشاهه پريس ڪلب ۾پريس ڪانفرنس ء احتجاج ڪندَي صدر پاڪستان آصف علي زرداري صوبائي وزيرن حاجي علي زرداري ء ضياء الحسن لنجار کي اپيل ڪندي چيو آهي ته اسان فنڪار پنھنجي دل ۾ھزارين ڏک لڪائي عوام جي شادين ۽ خوشين جا ڳيچ لاڏا ۽ ڪلام ڳائي خدمت ڪندا آھيون پر اسان فنڪار ئي جيڪڏهن غير محفوظ ٿي وينداسين ته سنڌ جي عوام جي حالت ڇا ٿيندي
ھن چيو تہ ٻه ھفتا اڳ مان اڪري چودگي لڳ قادر بخش ٻانڀڻ جي ڏنل شادي جي ڪاڄ ۾محفل ڪري موٽيس ته اڪري چودگي کان ڪجھ مفاصلي تي 6 ھٿيار بندن اسان کي يرغمال بڻائي 6 لک روڪ مونکان 2 سونيون منڊيون آئي
فون سازيندن کان روڪ رقم موبائل فون ھٿيارن جي زور تي ڦريا ھن چيو تہ اسان مسڪينن فنڪارن کان 20 لک روپيا لاڳت جي ڦر ٿي اڪري چودگي ٿاڻي جي پوليس رپورٽ داخل ڪرڻ باوجود ڪوبه تدارڪ نہ ڪيو آھي ھنن چيو تہ اسان کي پڪ آھي جن جي ڪاڄ ۾ محفل ڪئي اتان جي ماڻهن جي مقبري سبب وارڌات ٿي آھي صدر پاڪستان جي شھر ۾ وڏي اميد کڻي آيو آهيان يقينن مون مسڪين فنڪار سان انصاف ڪيو ويندو
جُولاءِ 8, 2025