سکر: STS ذريعي چونڊيل 354 استادن کي تقرري ناما جاري، ٽن سالن جي انتظار بعد اميدوارن جي مراد پوري

Spread the love

سکر (رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ)آخرڪار ٽن سالن جي ڊگهي انتظار کان پوءِ سنڌ ٽيسٽنگ سروس (STS) ذريعي آءِ بي اي سکر کان امتحان پاس ڪندڙ اميدوارن جون اميدون رنگ لائڻ لڳيون. سکر، روهڙي، نيو سکر ۽ پنوعاقل سان واسطو رکندڙ مجموعي طور 354 ڪامياب اميدوارن کي ڀرتي جا حڪمنامو جاري ڪيا ويا.ان سلسلي ۾ سکر جي ماڊرن اسڪول ۾ هڪ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ضلعي ڪائونسل جو چيئرمين سيد ڪميل حيدر شاه، ميئر سکر ارسلان شيخ، ڊپٽي ڪمشنر سکر ڊاڪٽر ايم بي ڌاريجو، ڊائريڪٽر پرائمري ايجوڪيشن علي اڪبر ڪلهوڙو ۽ ڊي او سيڪنڊري تعليم مرتضيٰ شاه شرڪت ڪئي.تقريب دوران سکر سٽي،

 نيو سکر ۽ روهڙي سان تعلق رکندڙ 157 مرد ۽ عورت اميدوارن کي باقاعده طور تي جوائننگ ليٽرز جاري ڪيا ويا، جڏهن ته باقي اميدوارن کي مرحليوار آرڊر ڏنا ويندا.ان موقعي تي ضلعي چيئرمين ڪميل شاه ۽ ميئر سکر ارسلان شيخ ڪامياب اميدوارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته نون استادن جي ڀرتي تعليمي نظام ۾ سڌاري جي طرف هڪ مثبت قدم آهي. ڪميل شاه وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت تعليم کي هميشه اوليت ڏني آهي ۽ هي قدم به ان عزم جي عڪاسي ڪري ٿو ته تعليم جي واڌاري لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن.

ياد رهي ته گذريل ٽن سالن دوران مختلف مرحلن ۾ ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن کي آفر ليٽر ڏنا ويا هئا، پر جوائننگ جي عمل ۾ تاخير ٿيندي رهي. ڪامياب اميدوارن ۽ سول سوسائٽي طرفان بار بار آواز اٿارڻ کان پوءِ ھاڻي وڃي کين باقاعدي طور تي تقرريون ڏنيون ويون آهن.واضح رهي ته ايس ٽي ايس تحت انھن اميدوارن پي ايس ٽي جي امتحان ۾ 40 يا ان کان وڌيڪ نمبر حاصل ڪيا هئا، جيڪي تقرري لاءِ بنيادي معيار قرار ڏنا ويا هئا.تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن سنڌ حڪومت، ضلعي انتظاميا ۽ تعليم کاتي جي هن قدم جي ساراهه ڪئي ۽ اميد ظاهر ڪئي ته نوان استاد شاگردن جي مستقبل کي سوارڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندا.

جُولاءِ 8, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو