سکر: سمون برادري جو بااثر مائٽن ۽ پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج، نثار علي جي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو
سکر(بيورو رپورٽ) بھار ڪالوني مليٽري روڊ جي رهائشي سمون برادري پاران پنهنجن ئي بااثر مائٽن جي ظلمن ۽ پوليس جي مبينه ناانصافين خلاف سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪندي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آھي
احتجاج ڪندڙن ۾ عورتون ۽ مرد شامل هئا جن ۾ مسمات روبينه زال مرحوم نثار علي، مسمات شهزادي، مسمات گجن، مسمات وزيران، مسمات نور جان، سنگار علي، طارق ۽ ٻيا شامل هئا، جن ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته 15 ڏينهن اڳ بهار ڪالوني جي هڪ گهٽي ۾ علي شير سمون، بشير علي سمون، گلشن علي، اسحاق علي، وسير سمون، نصيب الله ۽ ٻين چار اڻڄاتل ماڻهن، جيڪي شراب جي نشي ۾ هئا، انهن سان رڳو گهٽي مان لنگهڻ تان جھيڙو ڪيو مظاهرين مطابق، جيهڙي کان پوءِ جوابدار هٿياربند ٿي سندن گهر تي حملو ڪيو، جتي عورتن،
ٻارن ۽ مردن کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي بدترين تشدد جو نشانو بڻايو ويو ان دوران سندن چاچو نثار علي، جيڪو سمهي پيو هو، ان کي پسٽل جي بٽ سان بري طرح زخمي ڪيو ويو جوابدار فائرنگ ڪندي فرار ٿي ويا متاثره خاندان ٻڌايو ته واقعي کانپوءِ نثار علي کي ترت ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو،
جنهن تي اسان پوليس اسٽيشن تي ڪيس داخل ڪرايو پوليس ابتدائي ڪارروائي ڪندي ايف آءِ آر ته داخل ڪئي ۽ هڪ جوابدار کي گرفتار به ڪيو، پر ڪيس ۾ نامزد مکيه جوابدار اڃا تائين آزاد گهمي رهيا آهن ۽ متاثرن کي سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن مظاهرين چيف جسٽس آف پاڪستان، وزير اعلى سنڌ، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته نثار علي سمون جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪري سخت قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي ۽ متاثر خاندان کي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي انهن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن اسان کي انصاف نه مليو ته پوء احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو
جُولاءِ 8, 2025