ملڪ ۾ هائبرڊ بادشاهي نظام هلي رهيو آهي:شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) عوام پاڪستان پارٽي جي سربراهه ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقانعباسي ملڪ جي موجوده سياسي نظام تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته هن وقت پاڪستان ۾ هائبرڊ بادشاهي نظام هلي رهيو آهي، جيڪو بادشاهه جي ڳالهه نه مڃيندؤ ته ان کي سزا ضرور ملندي مختلف ٽي وي انٽرويوز ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته جنهن ڏينهن عوام روڊن تي نڪري پوندي،
ان ڏينهن ڪوبه بچي نه سگهندو هن چيو ته عوام اڄ به عمران خان سان گڏ بيٺل آهي، عمران خان کي پيرول تي آزاد ڪيو وڃي، کيس ويهاريو وڃي ۽ ڳالهه ٻولهه ڪئي وڃي، ڇو ته سياست دشمنين جو نالو ناهي، هن چيو ته جيڪڏهن مسلم ليگ ن وري ‘وٽ کي عزت ڏيو’ جي بيانيي تي واپس اچي ٿي ته مان گڏ هلڻ لاءِ تيار آهيان هن چيو ته جيڪڏهن سپريم ڪورٽ جي ججن کي ٻيا ماڻهو فيصلا لکي ڏين پيا ته پوءِ ته ملڪ جو نظام ئي ختم ٿي ويو، ۽ قانون بي معنيٰ بڻجي ويو.
جُولاءِ 8, 2025