سيڪيورٽي گاڏيءَ جو چالان، مريم نواز جي پٽ جو ردعمل اچي ويو

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪڙي تي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي پٽ جنيد صفدر جي سيڪيورٽي گاڏي جو چالان ڪيو ويو، جنهن تي جنيد صفدر پنهنجو ردعمل به سامهون آيو آهي.
ست جولاءِ تي جنيد صفدر جي سيڪيورٽي تي مقرر گاڏي کي ڪارا شيشا لڳل هئڻ جي ڪري ٽريفڪ پوليس چالان ڪيو.
جنيد صفدر اڱاري ڏينهن پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري ذريعي چيو ته ”جن اهلڪارن منهنجي گاڏي روڪي ۽ قانون موجب چالان ڪيو، مان انهن جي پيشيوراڻي رويي مان متاثر ٿيس، الله انهن جي ڊيوٽي دوران ۽ ڊيوٽي کانپوءِ حفاظت ڪري.“
ٻئي پاسي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز به ان ڪارروائي تي پوليس ٽيم جي واکاڻ ڪندي چيو ته ”قانون جي پاسداري ئي اسان جي حڪومت جي سڃاڻپ آهي، مان سڄي پنجاب ۾ قانون جو برابر نفاذ ڏسڻ ٿي چاهيان.“
وزيراعليٰ ٽريفڪ پوليس جي انچارج شاهزيب ۽ اهلڪارن پرويز، حيدر ۽ مجاهد کي شاباشي ڏيندي چيو ته توهان قانون تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو.
واضح رهي ته ٽريفڪ وارڊن معمول جي چيڪنگ دوران جنيد صفدر جي سيڪيورٽي تي مقرر گاڏي کي روڪيو ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي تي قانوني ڪارروائي ڪئي هئي.

جُولاءِ 8, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو