مخصوص سيٽن واري فيصلي کان پوءِ ملڪ اندر هلندڙ افواهي خبرن جي لهر
جڏهن کان سپريم ڪورٽ مخصوص سيٽن جي ورهاست واري ڪيس جو فيصلو ٻڌايو آهي ۽ اهي مخصوص سيٽون پي ٽي آءِ جي آزاد اميدوارن کي ڏيڻ بدران حڪمران جماعت مسلم ليگ (ن) سميت پ پ ۽ ٻين پارلياماني جماعت ۾ ورهايون آهن ته پارلياماني ۽ حڪومتي پوزيشن ۾ به ڪافي تبديلي اچڻ جون خبرون اچڻ لڳيون آهن جيڪي افواهه آهن يا حقيقت آهي بهرحال ان سان پارلياماني ۽ حڪومتي نظام اندر بي چيني پيدا ٿيڻ لڳي آهي.
اهڙين بي چيني پکڙيندڙ خبرن ۾ هڪ خبر آصف علي زرداري کي صدارتي عهدي تان هٽائڻ جي نمايان آهي جنهن بابت گهرو وزير محسن نقوي ۽ هاڻي دفاع جي وزير ترديد پڻ ڪئي آهي ته سوشل ميڊيا جي افواهه تي ڌيان نه ڌريو، اصل ۾ هي پهريون ڀيرو آهي جو حڪومت ۽ ملٽري اسٽيبلشمينٽ هڪ پيج تي آهي جيڪا ڳالهه مخالفن کي نه ٿي وڻي. بهرحال محسن نقوي جو چوڻ هو ته صدر زرداري کي ڪير به نه ٿو هٽائي.
ان خبر کان علاوه به ڪيتريون اهڙيون خبرون ڦهلايون ويون آهن جن کي ”هڪٻئي کي پيغام ڏيڻ يا ٻڌائڻ واريون خبرون“ سمجهيو وڃي ٿو. مثال طور تي نواز شريف ۽ عمران خان جي وچ ۾ امڪاني ڳالهين جون خبرون آهن، حڪومت جو مدو وڌائڻ لاءِ 27 هين ترميم آڻڻ جون خبرون آهن ۽ اسحاق ڊار جي ان بيان کي به تجزئي نگار دلچسپ پيرائي ۾ ڏسن ٿا جنهن ۾ هن چيو آهي ته پ پ ڏکئي وقت ۾ اسان جو ساٿ ڏنو آهي تنهن ڪري اسان ان کي پاڻ کان ڌار نه ڪنداسين.
ان بيان بابت سياسي ۽ ميڊيائي مبصر چون ٿا ته اهو پ پ کي پيغام آهي ته مخصوص سيٽون ملڻ کانپوءِ اسان کي سادي اڪثريت ملي وئي آهي تنهن ڪري هاڻي اوهان بنا به اسان جي حڪومت برقرار رهندي معنيٰ توهان جي سهاري يا احسان جي هاڻي ضرورت ناهي. ائين هاڻي جڏهن ڀارت سان جنگ کٽڻ کان پوءِ ملٽري اسٽيبلشمينٽ مضبوط ٿي آهي ته نواز شريف ۽ عمران خان جي وچ ۾ ڳالهين جي امڪان کي پيدا ڪيو ويو آهي، اسان پارليامنيٽ ۾ به ڏٺوسين ته وزيراعظم شهباز شريف اپوزيشن بينچن ڏانهن وڃي ڪري پي ٽي آءِ جي مخالف ڌر جي اڳواڻ سان هٿ ملايو ۽ کيس ڳالهين جي آڇ ڪئي.
ان قسم جي اڳڀرائي بابت اهو تاثر ڏنو ٿو وڃي ته جيڪڏهن ملٽري اسٽيبلشمينٽ سڄو سسٽم پاڻ وٽ رکڻ جي ڪوشش ڪندي ته اسان به عمران خان سان اتحاد ڪري سگهون ٿا. ائين صدر زرداري کي به ممڪن آهي ته سندس هٽائڻ جون خبرون پکڙي کيس اهو پيغام ڏيڻ جي ڪوشش هجي ته اسٽيبلشمينٽ جي مفادن تي پورو نه لهندين ته توکي هٽائي به سگهجي ٿو. اصل ۾ جڏهن کان صدر زرداري گڏيل پارليامنيٽ جي اجلاس ۾ تقرير ڪندي پنجاب ۾ ٺهندڙ نون ڪئنالن کي سڀني صوبن جي رضامندي سان مشروط ڪيو هو ته بجيٽ صدر انهن ڪينالن جي اڏاوت کان منع ڪئي هئي ته ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته تڏهن کان آصف علي زرداري کي هٽائڻ جو ڳالهيون ٿيڻ لڳيون آهن.
پهريون آصف زرداري جي بيماري جون خبرون هيون ته کيس ڪورونا ٿي پئي آهي جنهن ڪري هو نوابشاهه آيل هو جتي ڊاڪٽر عاصم جي نگراني ۾ سندس علاج ٿيو. وري وچ تي اهي به خبرون هليون ته آصف علي زرداري کي صدارت تان هٽائي سندس پٽ بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم ۽ نواز شريف کي ملڪ جو صدر بڻايو ويندو ۽ هاڻي وري ڪنهن ٻي مضبوط شخصيت کي صدر بڻائڻ جا افواهه هلي رهيا آهن.
مطلب ته مخصوص سيٽن واري عدالتي فيصلي کان پوءِ ملڪي اقتداري سياست ۾ هڪ هلچل پيدا ٿي وئي آهي، افواهن جو طوفان گهلي پيو آهي ۽ هڪ بي چيني برپا ٿي وئي آهي جيڪا اصولي طور تي نه هئڻ گهرجي. مخصوص سيٽن کان پوءِ ملڪ اندر جيڪر وڌيڪ سياسي استحڪام پيدا ٿئي ۽ پارلياماني نظام کي جيڪر سگهه نصيب ٿئي پر هتي عدم استحڪام جو ماحول جنم وٺي رهيو آهي ۽ مختلف افواهن جون خبرون هلي رهيون آهن. جڏهن ته حڪومتي وزير وري اهي بيان ڏئي رهيا آهن ته حڪومت ۽ ملٽري اسٽيبلشمينٽ هڪ پيج ٿي آهن. جيڪڏهن واقعي به ائين ئي آهي ته پوءِ ان جو فائدو جمهوري، پارلياماني نظام ۽ عوام کي ٿيڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته ملڪي تاريخ ۾ ورلي ئي سياسي استحڪام ڏٺو ويو آهي.
هتي حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ جو هميشه کان ٽڪراءُ ۽ تڪرار رهيو آهي جنهن ڪري جمهوري ۽ پارلياماني نظام ڪڏهن به جٽاءُ دار ناهي رهيو پر هاڻي جيڪڏهن اهڙي دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته پوءِ هي عدم استحڪام جون خبرون ڇو هلايون پيون وڃن ۽ ڇو اڻ سڌي طرح هڪٻئي کي پيغام ڏنا پيا وڃن. هن وقت پارلياماني نظام کي ڏسجي ته پي ٽي آءِ ۽ خاص ڪري عمران خان بابت اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته کيس سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو آهي جيڪو جمهوري نظام ۾ نه هئڻ گهرجي.
هن وقت عمران خان جي گرفتاري سبب هونئن ئي ملڪ اندر مڪمل سڪون ناهي. قومي اسيمبليءَ جي مخالف ڌر پي ٽي آءِ ڪنهن ريت به مطمئن ناهي، ان جو هڪ ئي مطالبو آهي ته عمران خان کي آزاد ڪيو وڃي سو ان اشوءَ ڪري ملڪ اندر مڪمل طور تي سياسي استحڪام ناهي ۽ هاڻي وري جيڪڏهن آصف زرداري کي صدارتي عهدي تان هٽايو وڃي ٿو ته نئون پينڊورا باڪس کلي سگهي ٿو ۽ پارلياماني نظام وڌيڪ ڪنهن ڀونچال جو شڪار ٿي سگهي ٿو.
سو اميد آهي ته بقول محسن نقوي جي ته سڀ سوشل ميڊيا جا افواهه آهن، انهن تي ڌيان نه ڏنو وڃي واري ئي حقيقت هوندي ڇاڪاڻ ته عوام هاڻي چاهي ٿو ته حڪومتون سئو سيڪڙو سندس مسئلن ڏانهن ڌيان ڏين ۽ پاڻ ۾ ملڪ قوم جي مفاد ۾ سياسي استحڪام قائم ڪري ان جو ملڪ ۾ عوام کي فائدو ڏين. اقتدار ۽ طاقت جي لالچ ۾ ملڪ، پارليامينٽ، جمهوريت ۽ عوام کي ڪو نقصان نه ڏين.
جُولاءِ 8, 2025