ٺٽي ۾ نامياري ليکڪ علي بابا جي 85هين سالگره عقيدت سان ملهائي ويئي، ٻارن ۽ اديبن پاران ڀيٽا ۽ وڻڪاري

ٺٽو ( نظير احمد قريشي) سنڌ جي بين الاقوامي شھرت يافتہ ڊراما نويس،ڪھاڻيڪار ،ناولنگار ۽ سنڌوءَ درياء جي عاشق ليکڪ علي بابا جي 85ھين سالگرھ سنڌ ڪلچرل فورم سرتين سٿ پاران معصوم ٻارڙي ماھنور لاکو ،عريشہ چانڊيو ء ڪامريڊ بختاور لاکو جي قيادت ۾ ملھائي وئي
ان موقعي تي معصوم ٻارڙن سان گڏ سنڌ ڪلچرل فورم جي چيئرمين صادق لاکو ۽ سرتين سٿ جي نگران ثنا صادق لاکو ھٿن م گلاب ،چنبيلي،نم املتاس ۽ ٻين وڻن جا ٻوٽا کڻي علي بابا جو مشھور گيت ٫٫اسين ماڻھون لاڙ جا،دريا جي پاڇاڙ جا٫٫۽ جمن دربدر جي غزل ٫٫وٺي ھر ھر جنم وربو -مٺا مھراڻ ۾ملبو٫٫ترنم ۾ ڳائي علي بابا جي ڪيل بيمثال قلمي پورهئي تي کيس عظمت ڀري ڀيٽا پيش ڪئي
،جڏھن ته ان موقعي تي مٿين سان گڏ لطيف ، سچل ،ڊاڪٽر حجاب ،ڪونج ۽ زبيده سان گڏجي علي بابا جي ياد ۾ گلاب ۽ چنبيليءَ جا ٻوٽا پڻ پوکيا.
جُولاءِ 7, 2025