ڇور ۾ سفينا گٽڪو وڪرو ڪندڙ نوجوان ٻيهر گرفتار، ٻن پوليس اهلڪارن جي معطلي

ڇور ( ن ڪ ) ڇور جي شھرين پاران سفينا عاداب گٽڪو وڪرو ڪندڙ نوجوان احمد بجير کي پڪڙي پوليس حوالي ڪرڻ کان پوء پوليس پاران ڪيس داخل ڪرڻ بجاء گرفتار نوجوان کي رشوت وٺي آزاد ڪرڻ واريون خبرون ميڊيا تي ھلڻ بعد ڇور پوليس ٻھير رات دير سان نوجوان احمد بجير کي گرفتار ڪري مٿس 75 سفينا گٽڪو جا پيڪٽ ھٿ اچڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي
ياد تي گذريل رات گرفتار جوابدار کي ڇڏيندڙ ڇور پوليس ٿاڻي جي ٻن اھلڪارن احمد سميجو ۽ عطا اللله سومرو کي ايس ايس پي عمرڪوٽ معطل ڪري ڇڏيو آھي
جُولاءِ 5, 2025