مظفر ڳڙهه ۾ مسافر بس ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، عورتن ۽ ٻارن سوڌو 6 ڄڻا فوت

مظفر ڳڙهه (ويب ڊيسڪ) مظفر ڳڙهه ۾ تيز رفتار ٽرالر ۽ بس ۾ ٽڪر ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا.
حادثو مظفر ڳڙهه جي علائقي لنگر سرائي ۾ پيش آيو، جتي علي پور کان لاهور ويندڙ مسافر بس ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر ٿي پيو.
ريسڪيو ذريعن موجب حادثي جو اطلاع ملڻ تي امدادي ڪارروائيون شروع ڪيون ويون ۽ حادثي ۾ 6 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي، جن ۾ ٻه ٻار ۽ ٻه عورتون به شامل آهن، جڏهن ته بس ۾ سوار 8 ڄڻا زخمي به ٿي پيا.