ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جو پنهنجي ٽيم بنگلاديش نه موڪلڻ جو فيصلو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ڀارتي ٽيم جو بنگلاديش دورو ري شيڊيول ڪندي هلندڙ سال ٽيم بنگلاديش نه موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ بنگلاديش جو وائيٽ بال سيريز جو دورو ري شيڊيول ڪري ڇڏيو، ان حوالي سان پڌرائي به جاري ڪئي وئي آهي.
بي سي سي آءِ موجب بي سي بي سان مشاورت کانپوءِ دورو ري شيڊيول ڪيو ويو آهي، آگسٽ ۾ شيڊيول سيريز هاڻ سيپٽمبر 2026 ۾ کيڏي ويندي، اهو فيصلو ٻنهي بورڊن جي مشاورت سان ڪيو ويو آهي.
بي سي سي آءِ چيو آهي ته فيصلو ٻنهي ٽيمن جي بين الاقوامي مصروفيتن ۽ شيڊيولنگ ۾ سهولت کي ڏسندي ڪيو ويو آهي، نئين شيڊيول جو اعلان مناسب وقت تي ڪيو ويندو.