امر جليل ۽ ساڻس ٿيل تازي ملاقات

Spread the love

هيءَ سٺ جي ڏهاڪي جي ڳالهه آهي، پبلڪ اسڪول حيدرآباد پڙهندو هئس  ۽ ڪراچيءَ آيل هئس، منهنجون  پُڦيون پنهنجن ٻارن سان فريئر روڊ تي رهنديون هيون، سندن مڙس (يعني منهنجا پڦڙ) ڪراچيءَ ۾ نوڪرين سانگي رهندا هئا. آءٌ  هڪ شام جو روڊ تي بيٺو هئس، ماڻهو  آيا ويا پئي، هڪ پاسي کان سٺي فوٽ پاٿ  هئي ۽ ٻئي پاسي ننڍا دڪا ۽ ايراني هوٽلون هيون جتي اڪثر ڪري شام جو چانهن،  بسڪيٽ ۽ سموسا کائبا هئا.هي اهو دور هو جڏهن ڪراچيءَ کي وفاقي علائقو قرار ڏنو ويو هو تنهنڪري ڪراچيءَ ۾ سنڌي ماڻهو ورلي ڏسبو هو.

مان فوٽ پاٿ تي بيٺو هوس ته هڪ قدآور ۽ سهڻو جوان اڇن ڪپڙن يعني  اڇي پتلون ۽ اڇي قميص ۾ ملبوس، ڪاريون مڇون ۽ وار ٺهيل، مون ڏٺو ته هو آهستي آهستي پنڌ ڪندو صدر ڏانهن پئي ويو، ڇو ته صدر ۽ فريئر روڊ گڏيل آهن. تنهنڪري مون کيس ڏسڻ سان سڃاڻي ورتو، ڇاڪاڻ ته ان وقت به هي ماڻهو مشهور هو ۽ بهترين ڪهاڻيون لکندو هو. هي هئو  سائين امر جليل، جو لنگهي ويو، پر مون ۾ اها همت نه ٿي ته مان ساڻس ملان يا ڪا ڳالهه ٻولهه ڪيان. وقت گذرندو ويو، امر جليل صاحب حيدرآباد اچي ويو ۽ ريڊيو پاڪستان تي ڪم ڪرڻ لڳو. ان کان اڳ هُو ريڊيو ڪراچي تي هو. هي دور سنڌ ۾ تحريڪن جو دور هو، 1967ع ۾ چوٿين مارچ شاگردن جي تحريڪ بڻجي اُڀري ۽ اوستائين هلندي رهي جيستائين 1970ع ۾  ون يونٽ ٽٽو، ڇو ته اها تحريڪ  شاگردن جي تحريڪ کان وڌي وڏي ليول تي هلي وئي ۽ سنڌ جا سڀ سڄاڻ ماڻهو، اديب، شاعر، استاد، دانشور ۽ سنڌي عورتون ۽ شاگردياڻيون ان ۾ شامل ٿي ويا.

70 جي ڏهاڪي ۾ امر جليل صاحب حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن اچي جوائن ڪئي، غالباً ان وقت، مسٽر ايم بي انصاري، آغا سليم، مراد علي مرزا، شيخ غلام حسين، سڪندر بلوچ، سرهندي صاحب ۽ ٻيا اچي ريڊيو حيدرآباد ۾ گڏ  ٿيا هئا.  انهن سان ملاقاتون ٿينديون رهنديون هيون ۽ ڪچهريون پڻ. منهنجي واقفيت امر جليل ۽ آغا صاحب  سان سٺي ٿي چڪي هئي. امر جليل هڪ اڏول انسان،  هڪ وڏو اديب  ۽ ڪهاڻيڪار ٿي اڀريو هو.  پاڻ گاڏي کاتي جي ويجهو فليٽ  ۾ رهندو هو ۽ ويجهو ئي طارق اشرف جو گهر ۽ پريس به هئي. امر جليل صاحب سهڻيءَ ۾ لکڻ شروع  ڪيو ۽ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لکيائين. طارق اشرف  هڪ بيباڪ ۽ بهادر صحافي، اديب ۽  ڪهاڻيڪار هو ۽ پاڻ ماهوار سهڻي رسالو ڪڍندو هو. ان وقت سنڌي ۾ قومي سطح تي ٻه ادبي رسالا نڪرندا هئا، هڪ هو روح رهاڻ  جيڪو حميد سنڌي صاحب ڪڍندو هو ۽ ٻيو سهڻي جيڪو طارق اشرف شايع ڪندو هو. ٻئي قومي ڌارا جا اهم رسالا هئا ڇاڪاڻ ته انهن ۾ سنڌ جي مسئلن تي ڀرپور نموني لکڻيون شايع ڪيون وينديون هيون.  اسان جا اديب امر جليل کان ويندي شيخ اياز تائين سڀني جون لکڻيون، ڪهاڻيون ۽ شاعري انهن ۾ شايع ٿيندي هئي. ساڳئي وقت انهي رسالن جا اداريا تمام اهم ۽ دل کي ڇهندڙ هوندا هئا ۽ سرڪار لاءِ ڄڻ ته باهه جا شعلا هوندا هئا.

امر جليل صاحب 73/1972 ۾ هڪ ڪهاڻي “سرد لاش جو سفر” لکي ڄڻ ته ڪاريهر تي پير پيو  ۽ ممڻ مچي ويو. هيءَ ڪهاڻي جيڪب آباد ضلعي جي شهر ڪنڌ ڪوٽ ۾ مذهبي ڌرين پاران هندن خلاف نفرت انگيز ۽ ذلت آميز ورتاءُ تي ٻڌل واقعي تي ٻڌل  هئي. هن ڪهاڻيءَ تي تمام گهڻو تاءُ پيدا ٿيو، جنهنڪري امر جليل ۽ طارق اشرف  کي ڪافي ڀوڳڻو پيو. جيتوڻيڪ هيءُ جمهوري دور هو پوءِ به  سهڻيءَ تي سرڪار پاران پابندي لڳائي وئي.

جيئن مٿي ذڪر ڪيوسين ته اهي سال سنڌ جي حقن جي تحريڪ سان لاڳاپيل هوندا هئا. مان ۽ ٻيا دوست سڀن ساٿين سان ملندا هئاسين ۽ سرگرم پڻ هئاسين، انهن دوستن ۾ يوسف لغاري، مسعود نوراني، امان الله شيخ، عبدالحئي پليجو ۽ ڪجهه ٻيا شامل هئا. ون يونٽ ٽٽڻ بعد ڀٽي صاحب جي حڪومت جي زماني ۾ مان انگلينڊ پڙهڻ ويس  ۽ بعد ۾ موٽي اچي سنڌ يونيورسٽي ۾ استاد ٿيس. سنڌ جي خدمت جي جذبي تحت سماجي سياسي ڪم ڪار پوءِ به ڪندا هئاسين تنهنڪري  امر جليل صاحب چوندو هو ته توهان اسان جا مارٽن لوٿر  آهيو.

امر جليل صاحب ڪراچيءَ ۾ پڙهيو، اين جي وي هاءِ اسڪول، ڪراچي يونيورسٽي ۽ ڪراچيءَ ۾ ڪرڪيٽ کيڏندي هو جوانيءَ کي پهتو، هو ڪرڪيٽ جو عاشق ۽ وڏو  ڄاڻو هو. هن ڪراچيءَ جي عروج ۽ زوال کي نه رڳو اکين سان ڏٺو هو پر دل سان محسوس پڻ ڪيو.  ڪراچيءَ سان سندس عشق جي حد تائين پيار هو ۽ آهي، تنهنڪري هن پنهنجين لکڻين ۾ ڪراچي جي حالتن تي گهڻو لکيو آهي ۽ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ  ڪراچيءِ سان جيڪو وهيو واپريو ان جو ذڪر پڻ ڪيو اٿس. ڪراچي کي 1948 ۾ سنڌ کان جدا  ڪيو ويو ۽ وري 22 سالن کان پوءِ واپس سنڌ کي ملي ۽ سنڌ جي گادي ٿي، ان کان اڳ ڪراچيءَ کي انگريز حڪمران سر چارلس نيپئر ڪراچيءَ کي  سنڌ جي  گادي جو هنڌ بنايو هو. امر جليل صاحب موجوده وقت  جي ڪراچيءَ تي پڻ ڏکارو آهي. سندس حيدرآباد واري دور ۾ ساڻس ڪافي رهاڻيون  ۽ محفلون ٿينديون هيون  جن ۾ مان به هر وقت شامل ٿيندو هوس. انهن محفلن جو مک ميزبان محترم حميد آخوند  صاحب هوندو هو. ساڻس ڪراچيءَ ۾ به گڏجاڻيون  ٿينديون رهن ٿيون.

 امر جليل صاحب هڪ انتهائي قدآور ۽ اورچ اديب ۽ ڪهاڻيڪار آهي. سائين امر جليل ڪهاڻين لکڻ سان گڏ پنهنجي ڪالم نگاري ۽ مضمونن وسيلي وقت بوقت سنڌ واسين جي رهنمائي پئي ڪئي آهي. سندس ڪالمن، مضمونن ۽ ڪهاڻين کي ڏسندي  محسوس ٿيندو آهي ته  سندس شخصيت سنڌ لاءِ هڪ گهاٽي بڙ جي ڇانو مثال آهي، جنهن مان اسان سنڌ واسين کي هر دور ۾ رهنمائي، محبت ۽ آسيس پئي ملي آهي.

 گذريل مهيني مون کيس فون  تي هڪ پيغام موڪليو ته مهرباني ڪري پنج منٽ ملاقات لاءِ ڏيو  ڇو ته تمام گهڻو وقت ٿي ويو آهي جو ديدار نه ٿيو آهي. ۽ پاڻ مهرباني ڪري ٻن ڏينهن بعد مون کي وقت ڏنائون ۽ آءٌ پنهنجي دوست مختيار ملاح سان گڏ سندس قدم بوسي تي ويس. ان موقعي تي سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ ادب سان گڏ ماضيءَ جي تحريڪي عمل تي هڪ بهترين ڪچهري ۽ ڳالهه ٻولهه ٿي، پاڻ هن وقت وڏي عمر جو ٿي ويو آهي، جنهنڪري ساڻس صحت جا مسئلا  پڻ آهن، سندس گهر ۾ به چاقائي ڪانهي، انهيءَ ڪري ملاقات جو وقت گهٽ ڏين ٿا

جُولاءِ 5, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو