دادو ويجهو خدا آباد انڊس هاءِ وي تي حادثو، موٽر سائيڪل سوار فوت، هڪ زخمي

Spread the love

دادو(رپورٽ:خدا آباد انڊس )هاءِ وي تي موٽر سائيڪل ۽ ڪار ۾ ٽڪر موٽر سائيڪل سوار فوت ٻيو زخمي،  دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) فريداباد لڳ ڳوٺ بيتل جو رهواسي نوجوان (رازو) پورهيت بگن چانڊيو دادو ويجهو خداباد روڊ تي ڪار ۽ موٽر سائيڪل جي وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ پوهيت بگن چانڊيو فوت ٿي ويو،

جڏهن ته سينگار چانڊيو پٽ عبدالستار چانڊيو سخت زخمي ٿي پيو کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال آندو ويو جتي طبي امداد ڏني وئي، زخمي کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال کان سيوھڻ اسپتال ريفر ڪيو ويو

ھوڏانھن ڳوٺ اطلاع ملندي ئي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو، فوتي پورهيت جو لاش ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو،

جُولاءِ 4, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو