سڪرنڊ ۾ شهداءِ ڪربلا ڪانفرنس، مفتي فيض محمد سڪندري جو امام حسين عليه السلام جي سيرت تي عمل ڪرڻ تي زور

سڪرنڊ ( رپورٽ :راج ڪماراوڏ ) حضرت علامه مفتي فيض محمد سڪندري چيو آهي ته سيدنا امام حسين عليه السلام جي زندگي حق جو ساٿ ڏيڻ ۽ اصولن تي قائم رهڻ جو درس ڏئي ٿي جنهن به سندن ڏسيل واٽ ۽ سيرت تي عمل ڪيو انهن پنهنجي دنيا ۽ آخرت ٻئي موچاريون ڪيون ھوُ ٿيليسيميا فائيٽر قاضي جنيد رضا ميمڻ ۽ نرمل قاضي جي ايثال ثواب لاءِ جامعه مسجد محبوب ڪوري ۾ ” شهداءِ ڪربلا ڪانفرنس “ جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو هن چيو ته اسلامي تاريخ شاهد آهي ته جن به قرآن شريف جي حڪمن تي عمل ڪيو ان منزلون ماڻيون آهن ۽ جن قرآن تي عمل نه ڪيو انهن کي رسوائي نصيب ٿي آهي
مفتي فيض محمد سڪندري وڌيڪ چيو ته امام حسين عليه السلام پنهنجي سموري زندگي قرآن پاڪ موجب گذاري ان ڪري جيڪي حسيني يا حيدري سڏائين ٿا انهن کي قرآن شريف تي عمل ڪرڻو پوندو شهداءِ ڪربلا ڪانفرنس ۾ عالمن ، حافظن سميت مذهبي شخصيتن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جن ۾ حافظ عبدالرحمان شيخ ، مولانا صغير احمد قادري ،
حافظ پير بخش بروهي ، محمد هارون ڪوري ، حافظ ذبير عطاري ، قاري محمد اشرف ، اسلم آزاد ۽ ٻيا شريڪ هئا جڏھن ته مقصود سومرو حضور سرور ڪائنات ﷺ جن جي شان ۾ نعت شريف ۽ سيدنا حسين عليه السلام جي شان ۾ منقبت پيش ڪيون ان کان اڳ حافظ غلام حسين چانڊيو ۽ محبوب علي ڪوري آيل مهمانن جو آڌر ڀاءُ ڪيو
جڏھن ته قاضي علي رضا ميمڻ ۽ استاد علي رستم سمون پاران نياز جو اهتمام ڪيو ويو ڪانفرنس جي پڄاڻيءَ تي شبير احمد چانڊيو ۽ مسجد جي مُتولي علي رستم سمون عالمن سڳورن جي مان ۾ شاندار مهمان نوازي ڪئي هوڏانهن ڪانفرنس دوران سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا جيڪي مختيار علي سولنگي ۽ فيصل لاکو جن سنڀاليا :
جُولاءِ 4, 2025