صحت سهولتن جي جائزي لاءِ صوبائي محتسب جي هدايت تي گڏجاڻي

نوابشاه ( رپورٽ عبدالفتاح رند) صوبائي محتسب اعلي سنڌ جي ھدايتن تي ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعلي شھيد بينظيرآباد خان محمد زرداري جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر (ڊي ايڇ او) شھيد بينظير آباد ۽ صحت جي شعبي سان لاڳاپيل غير سرڪاري تنظيم نيشنل رورل سپورٽ پروگرام (NRSP) جي نمائندن سان تعارفي ۽ فالو اپ گڏجاڻي منعقد ٿي۔
گڏجاڻي ضلعي جي صحت مرڪزن جي مجوزه دورن جي سلسلي ۾ ٿي، جن جو مقصد صحت جي سهولتن جي فراهمي جو معيار جانچڻ ۽ شهرين جي حقن جو تحفظ يقيني بڻائڻ آهي۔ان موقعي تي ڊي ايڇ او ۽ NRSP جي عملدارن، ريجنل ڊائريڪٽر کي ضلعي اندر طبي سهولتن جي صورتحال بابت بريفنگ ڏني ۽ مجوزه دورن لاءِ مڪمل سهڪار ۽ صحت جي سڌاري لاءِ ڪيل قدمن ۾ ڀرپور ساٿ ڏيڻ جو يقين ڏياريو۔
جُولاءِ 4, 2025