امام حسينؓ ۽ شهيدنِ ڪربلا جي عظيم قربانين کي ڀيٽا، حسينيت اڄ به مشعلِ راهه آهي ـ ملڪ رضوان الحق

Spread the love

سکر (رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ ) ملڪ فلاحي جماعت جي باني پاران امام حسينؓ ۽ شهيدنِ ڪربلا کي ڀيٽا* خبر موجب  ملڪ فلاحي جماعت جي باني ۽ سکر چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي اڳوڻي صدر ملڪ محمد رضوان الحق، ملڪ فلاحي جماعت جي ڪارڪنن سان خطاب ڪندي نبي ڪريم ﷺ جي نوازني، حضرت امام حسين رضی اللہ تعالیٰ عنہ، سندن اهلِ بيت ۽ ڪربلا جي ٻين شهيدن جي عظيم قربانين کي ڀيٽا پيش ڪئي۔

ملڪ رضوان الحق چيو ته امام حسينؓ، سندن اهلِ خانہ ۽ ساٿين، ظالم يزيد جي بيعت کان انڪار ڪري اسلام جي سربلندي لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو۔ ڪربلا جي ميدان ۾ حق ۽ باطل، ظلم ۽ انصاف جي وچ ۾ فرق کي هميشه لاءِ واضح ڪيو ويو۔ امام حسينؓ اسان کي سيکاريو ته ظلم ۽ جبر آڏو جهڪڻ بجاءِ، حق لاءِ ڊٽجي بيهڻ کپي۔

هن وڌيڪ چيو ته ڪربلا ۾ جيڪا همت، جرئت ۽ قرباني ڏسڻ ۾ آئي، اها تاريخ جو املهه ورق آهي۔ اڄ يزيد جو نالو به ڪو نٿو وٺي، پر امام حسينؓ ۽ سندن ساٿين جو ذڪر دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿيندو رهي ٿو ۽ تاقيامت ٿيندو رهندو۔

ملڪ رضوان الحق موجوده حالتن ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته حسينيت ۽ يزيديت جي جنگ اڄ به جاري آهي۔ خاص طور تي فلسطين، خاص ڪري غزه جا ماڻهو شديد تڪليفن جو شڪار آهن، جتي کاڌ خوراڪ، پاڻي ۽ علاج جون سهولتون ميسر ناهن۔ هزارين معصوم ٻار، مرد ۽ عورتون شهيد ٿي چڪا آهن ۽ لکين زخمي آهن۔

هن چيو ته شهيدنِ ڪربلا جون قربانيون اڄ به انهن لاءِ مشعلِ راهه آهن، جيڪي حق ۽ انصاف لاءِ جدوجهد ڪن ٿا۔

جُولاءِ 4, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو